چونڊ سڌارا، نيب قانون ۾ ترميم ۽ مشڪل معاشي فيصلا

چونڊ سڌارا، نيب قانون ۾ ترميم ۽ مشڪل معاشي فيصلا

عبدالمجيدبروھي
ھن وقت ملڪ جو معاشي ڍانچو مڪمل طور تي تناھي جي ڪناري پھتل آھي اڳوڻي حڪومت جي عوام دشمني چئجي يا ملڪ دشمني جن سڀ ڪجھ داء تي لڳائي ملڪ جي سڄي نظام کي تباھ و برباد ڪري سمورو نظام آء ايم ايف وٽ کپائي آء ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ وٽ اسٽيٽ بئنڪ کي وڪرو ڪري سڀ ڪجھ پاڪستان جي ھٿن مان ڪڍي آء ايم ايف حوالي ڪيو ويو جنھن سبب انھن اڳوڻي حڪومت کان اھڙا تـ ملڪ دشمن فيصلا ڪرايا ۽ معاھدا ڪرايا آھن جنھن سان ملڪ ھن وقت ڏيوالو ٿيڻ تي آھي نيازي حڪومت ھڪ تـ سڀ کان پھريان اھو غلط ۽ ملڪ دشمن فيصلو ڪيو تـ اسان کي اوھان جا سڀ شرط قبول آھن اسان ھر مھيني پئٽرول جي قيمتن ۾ بـ اضافو ڪنداسين ۽ بجلي گئس ۽ ٻين شين جا اگھ بـ اوھان جي چوڻ مطابق وڌائيندارھنداسين ايتري قدر جو انھن جو ئي ملازم شوڪت ترين کي ملڪ جي خزاني واري وزارت بـ ڏنائون جنھن اھو واعدو ڪيو ھيو آء ايم ايف سان تـ ھنن ڪجھ مھينن ۾ پئٽرول جي قيمتن کي 250 تائين پھچائينداسين اڳوڻي نيازي حڪومت کي صرف اميرن جو خيال ھيو باقي غريب طبقي لاء ھن وٽ ڪا بـ رعايت نـ ھئي سڀ شرط مڃي انھن تي عمل کانپوء جڏنھن کين اھا ڄاڻ ڏني وئي تـ اوھان خلاف اپوزيشن وارا متحد ٿي ويا آھن ۽ اوھان جا اتحادي ۽ اوھان جي پارٽي جا پنھنجا ماڻھون بـ انھن سان ملي ويا آھن يعني جڏنھن کين يقين ٿي ويو تـ سندن حڪومت وڃڻ واري آھي تـ۔ اھا حڪومت جن سڀ ڪجھ آء ايم ايف وٽ گروي رکي ڇڏيو ھيو انھن آء ايم ايف جو چوڻ مڃڻ کان انڪار ڪندي ملڪ جي معيشت کي تباھ ڪرڻ لاء جيڪي ذخائر ھيا انھن مان پيئٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ بنا جواز سبسڊي ڏيڻ لڳا جنھن سان ملڪ جو بچيل پيسو ختم ٿيندو ويو ۽ ٻئي طرف آء ايم ايف وارن معاھدن تي عمل نـ ڪرڻ جي ڪري سندن جي قرض واري قسط روڪي ڇڏي جڏنھن نيازي جي حڪومت ختم ٿي تـ خزاني ۾ صرف سعودي يو اي اي ۽ چين پاران اسان کي ڏيوالپي کان بچڻ لاء اھي پيسا بچيل ھيا جيڪي اسان جي ملڪ جي خزاني ۾ موجود تـ آھن پر اھي اسان خرچ بـ نٿا ڪري سگھون اھي پيسا صرف اسان جي معيشت کي سھارو ڏيڻ لاء آھن اڄ جڏنھن نيازي جي حڪومت ختم ٿي آھي تـ اسان سڀني کي ڄاڻ پئي آھي تـ نيازي حڪومت جيڪي بـ فيصلا ڪيا آھن انھن سان ملڪ جو سڄو ڍانچو مڪمل تباھي ڪناري پھتل آھي ھن وقت حڪومت وٽ سخت فيصلا ڪرڻ کانسواء ڪجھ بـ ناھي بچيو عوام کي ھن وقت انھن سخت فيصلن سان سخت مشڪلاتن جون منھن ڏسڻو پوندو پر عوام کي اھو سڀ ڪجھ ڪجھ مھينن تائين انھن سخت مشڪل حالتن جو مقابلوـڪرڻو پوندو جيڪڏنھن ھن وقت حڪومت ملڪ جي مفادن خاطر سياست کان ھٽي ڪري سخت فيصلا نـ ڪيا ت۔ پوء ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ ملڪ جو حالتون تمام بگڙجي وينديون ۽ ملڪ ۾ خدا نـ ڪري سري لنڪا جھڙيون حالتون پڻ پيدا ٿي سگھن ٿيون نيازي پاران ڪيل معاھدن جي ڪري ھن وقت ملڪ انھن سخت مشڪل حالتن ۾ نيازي پاڻ کي بچائڻ لاء ملڪ کي تباھي ڪناري پھچايو آھي جنھن کي ھاڻي پيرن تي بيھارڻ لاء سمورين اتحادين کي حڪومت جو ساٿ سچائي سان ڏيڻ گھرجي ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪري ان وچ ۾ اسيمبلي مان نيازي پاران پاس ڪرايل ڪارا قانون جنھن اليڪٽرانڪ ووٽينگ مشين جيڪو صرف ڌانڌلي جو ذريعو بڻجي سگھي ٿو ان قانون کي ختم ڪري ملڪ ۾ اليڪشن پراڻي نظام تحت ڪرائڻ لاء قانوسازي ڪرڻ نيب قانون ۾ سڌارا آڻڻ سميت ٻيا قانوني اصلاحات ڪرڻ بعد ملڪ کي سٺو ۽ عوامي نظام ۾ تبديل ڪري ملڪ کي معاشي طور تي مستحڪم ڪرڻ بعد ايندڙ سال عام اليڪشن ڪرائي وڃي فلحال صرف ملڪ جي لاء سوچڻ گھرجي عمران نيازي ھن وقت ھڪ فتنو بڻجي ويو آھي ھو ملڪ جي اھم ادارن پاڪ فوج عدليا ميڊيا اليڪشن ڪميشن سميت سڀني ادارن کي گھٽ وڌ ڳالھائي رھيو آھي ملڪ جي عوام کي گمراھ ڪرڻ ۾ لڳل آھي پر سندس پويان جيڪي گمنام ھٿ آھن اھي بـ کيس ڏسي وٺن ھي نيازي جنھن جو بـ سڄڻ نـ آھي جيڪو سندس سان گڏ آھي سڀاڻي ھي انھن کي بـ گاريون ڏيندو انجي ڪري ان فتني باز ۽ فسادي کان ڊڄڻ بجاء کيس ناچ گانن وارا پروگرام جاري رکڻ ڏنا وڃن ۽ حڪومت ان طرف ڌيان ڏيڻ بجاء ملڪ جي معاشي حالتن کي بھتر ڪرڻ طرف ڌيان ڏي فلحال آء ايم ايف سان ڳالھيون ڪري کيس وچ وارو رستو اختيآر ڪرڻ لاء زور وڌو وڃي پئٽرول جي قيمتن ٿي ڏنل سبسڊي فورن ختم ڪرڻ بجاء مرحليوار ان کي ختم ڪيو وڃي ۽ اميرن لاء الڳ ريٽ مقرر ڪري عام ماڻھون لاء سبسڊي کي برقرار رکيو وڃي تـ ڪافي بھتر ھوندو بحرحال ھاڻي حڪومت ۽ انجي اتحادين کي اليڪشن اصلاحات سميت ملڪ جي معاشي حالتن کي بھتر ڪري ملڪ بحران مان ڪڍي ملڪ بچائڻ گھرجي

پهنجو تبصرو موڪليو