اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)وفاقي وزير شيري رحمان جو چوڻ آهي ته اهو الله جو فضل آهي ته طوفان جي تباهي کان بچي ويا آهيون، عربي سمنڊ ۾ آيل طوفان ماضي جي ٻين طوفانن جي ڀيٽ ۾ گهڻو وقت هليو.هن هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اڄ شام جي اجلاس ۾ متاثرين کي واپس علائقن ۾ آڻڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي.شيري رحمان چيو ته سجاول ۾ متاثرن جي واپسي ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، آبادي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، اسان ڪيڏانهن وڃون؟هن جو اهو به چوڻ آهي ته سجاول ۾ ماڻهن جو معيشيت تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، متاثر علائقن مان 8 لک 9 هزار ڍور پڻ منتقل ڪيا ويا آهن.










