الطاف حسين خلاف ڪرائون ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جاري

الطاف حسين خلاف ڪرائون ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي جاري

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ڪنگسٽن ڪرائون ڪورٽ ۾ الطاف حسين خلاف دهشتگردي ايڪٽ هيٺ ڪيس جي ڪاروائي جاري آهي. سرڪاري وڪيل 12 رڪني جيوري آڏو دليل ڏيندي چيو ته هو انگلش قانون موجب دهشتگردي لاءِ ماڻهن کي اڪسائڻ جو ڏوهي آهي.  جيوري برطانيا ۽ ڪراچي جي ماحول واري فرق کي نه ڏسي پر ثبوت ڏسو جن مان صاف ظاهر آهي ته هن 22 آگسٽ 2016 تي ڪيل تقرير ۾ ڪارڪنن کي گڏ ٿيڻ لاءِ چيو، جڏهن ڪارڪن گهڻي تعداد ۾ گڏ نه ٿيا هن کين رينجرز جي هيڊ ڪوارٽر بدران اي آر واءِ ۽ سما ٽي وي جي نشريات بند ڪرڻ لاءِ موڪليو. وڪيل موجب الطاف حسين ڪارڪنن کي اهو چئي بليڪ ميل ڪندو هو ته مان پارٽي ڇڏي ڏيندس، ڪجهه ڪريو.  الطاف حسين ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. سرڪاري وڪيل جي دليلن بعد سندس وڪيل صفائي پيش ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو