اقليتن جو تعليمي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي: ناصر شاهه

اقليتن جو تعليمي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي ۽ رٿابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته اقليتن جو تعليمي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي ۽ قومي تعمير ۽ ترقي ۾ اقليتن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي، ملڪ جي ايوانن ۾ اقليتن جي نمائندگي هميشه رهندي آهي، ڪابينا ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي شموليت کي به يقيني بڻايو ويو آهي. توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته اقليتن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد ملڪ جي ترقي ۾ سندن خدمتن جو اعتراف ڪرڻ آهي، ملڪ جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي ۾ اقليتن کي سڀ کان وڌيڪ تحفظ ۽ اهميت ڏني وڃي ٿي. صوبائي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي 1973ع جو آئين ڏنو جنهن ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن کي برابري جا حق ڏنا. هن چيو ته اقليتن جي جان و مال ۽ حقن جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرئين ترجيحن ۾ شامل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو