ڪابل: (ويب ڊيسڪ) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پابندين جي باوجود افغانستان ۾ عورتن جي نگراني ۾ هلندڙ ڪاروبار، مردن جي ڪاروبار جي مقابلي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن.عالمي بئنڪ افغانستان جي حوالي سان مالي سال 2025 ۽ 2026 جي هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ افغانستان اندر ڪاروباري شعبي سان لاڳاپيل سروي شامل ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب، مختلف شين کي نظر ۾ رکندي، جيڪي ڪاروبار عورتون هلائي رهيون آهن، انهن شين جي وڪري (سيلز)، روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ سرمائيڪاري جي معاملن ۾ مردن جي مقابلي ۾ وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي. هن سروي ۾ اهي ڪاروبار شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ ملازمن جو انگ پنج يا ان کان وڌيڪ آهي. سروي ۾ مينوفيڪچرنگ (شيون ٺاهڻ) ۽ تعميرات (ڪنسٽرڪشن) جون بنيادي صنعتون شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي افغانستان جي نجي صنعتن جو بالترتيب 27 ۽ 19 سيڪڙو آهن. عالمي بئنڪ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2025 ۽ 2026 دوران مردن جي نگراني ۾ هلندڙ ڪاروبار جي وڪري ۾ 14 سيڪڙو واڌ جي مقابلي ۾، عورتن جي نگراني ۾ هلندڙ ڪاروبار جي وڪري (سيل) ۾ 21 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي. رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو به ذڪر ڪيو ويو آهي ته عورتن جي ڪاروبار ۾ روزگار جا موقعا 14 سيڪڙو وڌيا، جڏهن ته مردن جي ڪاروبار ۾ روزگار جي موقعن ۾ 11 سيڪڙو واڌ ٿي. سماجي پابندين، مشڪلاتن ۽ مارڪيٽ تائين گهٽ پهچ جي باوجود، عورتن جي ڪاروبار ۾ مستقل اثاثن (فڪسڊ ايسٽس) يعني ڪا مشينري خريد ڪرڻ، عمارت اڏڻ ۽ ٻيو سامان وٺڻ ۾ مردن جي قيادت ۾ هلندڙ ڪاروبار جي مقابلي ۾ 58 سيڪڙو واڌ ٿي. 2021 کانپوءِ جڏهن افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿي ته نجي شعبي کي نقصان پهتو ۽ ڪجهه صنعتن جون سرگرميون به روڪيون ويون. مجموعي صنعتن سميت عورتن تي پابندين جي ڪري سندن ڪاروبار به متاثر ٿيا آهن، پر هن وقت جيڪي ڪاروبار موجود آهن، اهي مردن جي مقابلي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيا آهن. ان ئي سروي موجب، جيڪڏهن افغانستان ۾ نجي صنعتن جي ڳالهه ڪجي ته ان ۾ 10.2 سيڪڙو ڪاروبار عورتون هلائين ٿيون، جنهن ۾ سڀ کان اڳڀرو مينوفيڪچرنگ جو شعبو آهي ۽ ان ۾ سڀ کان وڌيڪ 55 سيڪڙو تيار ڪپڙن (ملبوسات) جو شعبو شامل آهي. کاڌپيتي جي شعبي جي صنعتن ۾ ڪاروباري عورتون 20 سيڪڙو آهن ۽ 13 سيڪڙو ٽيڪسٽائل جي صنعت سان لاڳاپيل آهن. رپورٽ موجب، جيڪڏهن عورتن جي نگراني ۾ هلندڙ ڪاروبار جي برآمدات (ايڪسپورٽ) جي ڳالهه ڪجي ته ان ۾ صرف لڳ ڀڳ 6 سيڪڙو صنعتون ئي پنهنجون تيار ڪيل شيون ٻاهرين ملڪن ڏانهن برآمد ڪن ٿيون.










