نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي، عاصم افتخار چيو آهي ته افغان سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، ۽ اتي دهشتگرد گروپن جي موجودگي تي خدشو آهي.سلامتي ڪائونسل کي ڏنل پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته تازن دهشتگرد واقعن ۾ 80 بيگناهه پاڪستاني مارجي ويا، ۽ انهن حملن جي منصوبابندي لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪئي وئي.عاصم افتخار چيو ته طالبان کي ڪنهن به ملڪ جي خلاف افغان سرزمين استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عورتن جي حقن جي خلاف ورزي تي خدشو ظاهر ڪيو.










