ڪابل: (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 1100 کان وڌي ويو آهي. افغان هلال احمر موجب آچر ۽ سومر جي وچولي رات زلزلي سبب فوتين جو انگ 1124 ٿي ويو آهي جڏهن ته زلزلي سبب 3251 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. 8 هزار کان وڌيڪ گهر تباهه ٿي ويا آهن. افغانستان جي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو آهي ته زلزلي سبب سڀني کان وڌيڪ نقصان صوبي ڪنڙ ۾ ٿيو آهي. آمريڪي جيو لوجيڪل سروي موجب زلزلي جو مرڪز صوبي ننگرهار جي شهر جلال آباد جي ڀرپاسي ۾ هو انهي جي گهرائي 8 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.رپورٽن موجب زلزلو مقامي وقت موجب رات 11 لڳي 47 منٽن تي آيو تقريبن 20 منٽن کان پوءِ انهي صوبي ۾ 4.5 شدت جو هڪ ٻيو جهٽڪو محسوس ڪيو ويو جنهن جي گهرائي 10 ڪلو ميٽر هئي.










