افغانستان هٿان سيريز ۾ شڪست، حارث پاڻ کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اوپنر محمد حارث افغانستان خلاف سيريز ۾ شڪست جو ذميوار پاڻ کي قرار ڏئي ڇڏيو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ حارث چيو ته منهنجي پياري قوم کي اهو نتيجو نه مليو جيڪو اسان چاهيون ٿا.هن چيو ته مان ان سڀني جو ذميوار آهيان ڇو ته مون ٽيم کي سٺي شروعات نه ڏني جنهن تي مون کي افسوس آهي.محمد حارث لکيو ته ان تجربي مان سکنداسين ۽ مستقبل ۾ سٺي کيڏنداسين.حارث جي ٽوئيٽ تي سندس مداح سندس حوصلا افزائي ڪري رهيا آهن ۽ کيس حوصلو رکڻ جي تلقين ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو