لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ رمضان المبارڪ جي مهيني کي نظر ۾ رکندي ريسٽورنٽ جي ڪم جا ڪلاڪ تبديل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي خاتمي لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جسٽس شاهد ڪريم شهري هارون فاروق ۽ ٻين جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ريسٽورنٽ جو مسئلو آهي، جيڪڏهن 11 وڳي بند ٿي ويندا آهن ته سحري جي وقت ڪيئن کوليا ويندا. عدالت ريسٽورنٽ کي افطار کان سحري تائين کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سموگ کان بچڻ لاءِ لاهور جا سمورا ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، جنهن بعد عدالت هڪ ڪلاڪ جي واڌ ڪندي ريسٽورنٽ کي رات 11 وڳي تائين بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.










