اغوا ناهيان ٿي، مڙس کان خلع لاءِ ڪيس ڪيو اٿم، طاهرا

اغوا ناهيان ٿي، مڙس کان خلع لاءِ ڪيس ڪيو اٿم، طاهرا

ڀريا سٽي (ن سنڌيار)محراب پور واسڻ ناري  طاهرا شيدي جو مڙس جي مبينا زيادتيـن ۽ تشدد خلاف احتجاجي مظاھرو مڙس مارڪٽ ڪندو ھو جنھن ڪري گھران نڪري ڪراچي جي عدالت ۾ خلع لاءِ درخواست داخل ڪئي آھي مڙس ۽ مائٽ جان جا دشمن بڻجي ويا آھن. ڪراچي مان ويڊيو لنڪ ذريعي  ڀرياسٽي پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو تـ 4 مھينا اڳ  منھنجي پيءُ يار محمد شيدي پئسن عيوض زبردستي منھنجي شادي محراب پور واسي الاھي بخش شيدي سان ڪرائي جنھن ۾ منھنجي رضامندي شامل نــ ھئي منھنجو مڙس مون تي تشدد ۽ سخت مارڪٽ ڪندو ھو اھڙي شڪايت ڪافي ڀيرا مون پنھنجي والدين کي پڻ ڏني پر ھو خاموش رھيا ان ڪري مان تشدد کان تنگ اچي  پنھنجو گھر ڇڏي ڪراچي ۾ رھان ٿي مون کي ڪنھن  بـ اغوا نـ ڪيو آھي مون سٽي ڪورٽ ڪراچي۾ خلع لا۽ درخواست ڏني آھي جڏھن تـ منھنجا مائٽ ڀاءُ طيب شيدي  چاچو بخش علي  ۽ منھنجو ڀيڻويو وسيم ٻرڙو مون کي مارڻ چاھين ٿا منھنجي زندگي کي سخت خطرو آھي. ھن چيف جسٽس ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو آھي تـ مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو