اعليٰ تعليم جي نالي تي شاگردن کان پيسا ٺڳڻ جو انڪشاف

سکر (جيرام داس ) سنڌ ۾ به شاگردن ۽ شاگردياڻين کي اعليٰ تعليم جي نالي تي ٺڳڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. گمبٽ واسي ڀاءُ ڀيڻ انڪشاف ڪيو آهي ته ايجنٽ 15 لک رُپيا وٺي کين چيني يونيورسٽيءَ جو ڪوڙو ليٽر ڏنو، 8 مهينن تائين دربدر ٿيڻ بعد ٻئي ڀاءُ ڀيڻ گرفتار ٿيا ۽ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي مداخلت تي کين ٻيهر پاڪستان موڪليو ويو. گمبٽ واسي نوجوان ڪاظم عباسي ۽ سندس ڀيڻ مهتاب عباسي سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو جتي هُنن دانهيو ته گمبٽ جي الله بخش ڪالوني واسي ٽريول ايجنٽ چين جي يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ڏيڻ جي بهاني سان کانئن لکين رُپيا ٺڳي ويو آهي. ڀاءُ ڀيڻ چيو ته ٽريول ايجنٽ چيني يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جو ليٽر ڏنو ۽ 15 لک رُپيا ورتا هو جڏهن اُتي پهتا به ليٽر ۾ ڄاڻايل يونيورسٽيءَ جو ڪو وجود ئي نه هو. هنن چيو ته سندن والد پرائمري استاد آهي ۽ وڌيڪ پڙهائي لاءِ هُنن تمام گهڻي محنت ڪئي، چين پهچڻ بعد ٻئي ڀاءُ ڀيڻ 8 مهينن تائين دربدر رهيا، جنهن کانپوءِ هڪ ٻئي ايجنٽ کين مالديپ جي ٽڪيٽ ڪرائي ڏني جتي وري کين گرفتار ڪيو ويو اُن کانپوءِ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي مداخلت تي کين پاڪستان پهچايو ويو.گمبٽ واسي ڀاءُ ڀيڻ دانهيو آهي ته ڪوڙو داخلا ليٽر ڏئي لکين رُپيا ڦٻائيندڙ ٽريول ايجنٽ هاڻي کين پئسا نٿو ڏئي. رقم گهرڻ تي جاني نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو