اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ اعظم سواتي جي رمانڊ ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. اسلام آباد جي مقامي عدالت جوابدار کي سڀاڻي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو وفاقي جاچ اداري(ايف آءِ اي) جي ٽيم اعظم سواتي جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ڪيس جي ٻڌڻي ڊيوٽي مئجسٽريٽ شعيب اختر ڪئي. پراسيڪيوٽر طرفان 14 ڏينهن ريمانڊ جي استدعا ڪئي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هاڻ اعظم سواتي کان موبائل فون هٿ ڪرڻ ضروري آهي. پراسيڪيوشن جي وڪيل طرفان اعظم سواتي جو ٽوئيٽ پڙهي عدالت ۾ ٻڌايو ويو.وڪيل بابر اعواڻ اعظم سواتي جو موبائيل فون عدالت ۾ ئي گهرائي ورتو ۽ اعظم سواتي کي ڪرسي تي بيهاري سندس ٽنگ ۽ پيرن جا زخم جج کي ڏيکاريا ۽ چيو ته منهنجي موڪل جي پيرن جون آڱريون ڀڳل آهن.بابر اعواڻ استدعا ڪئي ته اعظم سواتي جو وڌيڪ ريمانڊ نه ڏنو وڃي. حڪومت کي سواتي جي بجاءِ سوات تي نظر رکڻ گهرجي.پراسيڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته اعظم سواتي جاچ دوران تعاون نه پيو ڪري، ميڊيڪل رپورٽ به موجود آهي، سياسي بحث ۾ نٿو پوڻ چاهيان. جنهن کان پوءِ ڊيوٽي مئجسٽريٽ تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي کي وڌيڪ هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏهن ته جوابدار کي سڀاڻي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.هوڏانهن عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سينيٽر اعظم سواتي چيو ته راڻا ثناءُالله ۽ ڊي جي ايف آءِ اي منهنجا جوابدار آهن، ايف آءِ آر ڪٽرائي هنن مون کي ٻين ادارن جي حوالي ڪيو جنهن منهنجي مٿان تشدد ڪيو.اعظم سواتي چيو ته هنن کي مان آئيني طور تي سامهون آڻيندس هي مون کان سوال ڪري رهيا آهن ته سينيٽر سيف الله جو دفاع ڇو ڪيو. سينيٽر سيف الله شريف ماڻهو آهي. سينيٽر سيف الله ڇا جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو به هوندو ته ان جو به دفاع ڪندس.هن چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي کي به ڪٽهڙي ۾ آڻيندس، ڊائريڪٽر سائبر ڪرائيم ونگ ۽ سندس عملي مٿان ڪيس داخل ڪرائيندس.










