اعظم سواتي جي عدالت ۾ 2 درخواستون داخل

اعظم سواتي جي عدالت ۾ 2 درخواستون داخل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي پاران اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ 2 درخواستون داخل ڪيون ويون.اهي درخواستون اعظم سواتي طرفان سينيئر سول جج محمد شبير جي عدالت ۾ داخل ڪيون ويون.گرفتاري وارنٽ، سرچ وارنٽ جي ڪاپي ۽ سامان جي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ اعظم سواتي طرفان ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ اعظم سواتي موقف اختيار ڪيو ته 13 آڪٽوبر تي صبح 2 وڳي ايف آءِ اي اهلڪارن منهنجي گهر تي ڇاپو هنيو، گهر ڀاتين، نياڻين ۽ گهريلو ملازمن جو سامان به هٿ ڪيو.اعظم سواتي درخواستن ۾ چيو آهي ته ايف آءِ اي ڪل 35 شيون هٿ ڪيون، جن ۾ موبائل فون، پاسپورٽ، ڊي وي ڊيز ۽ سي ڊيز شامل آهن.درخواست ۾ اعظم سواتي جو چوڻ آهي ته ڇاپي دوران نياڻين ۽ ٻين گهرڀاتين جا 24 سامان هٿ ڪيو ويو، جنهن ۾ خاندان جا ڪمپيوٽر، يو ايس بي، موبائل فون، 2 پاسپورٽ ۽ ٻيو سامان شامل آهي.اعظم سواتي درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڇاپي دوران ملازمن جا 5 سامان به هٿ ڪيو ويو، جن ۾ موبائل فون به شامل آهن.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ايف آءِ اي وٽ رهي ته اليڪٽرانڪ ڊيوائسز کي تباهه ڪيو ويندو. اعظم سواتي درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته اهي سڀئي شيون، گرفتاري وارنٽ ۽ سرچ وارنٽ جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن.ٻئي طرف ايف آءِ اي پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته اعظم سواتي جي گرفتاري وارنٽ ۽ سرچ وارنٽ جون ڪاپيون جواب سان گڏ آهن، ڊجيٽل ڊوائيس فرانزڪ لاءِ موڪليا ويا آهن، جنهن جي رپورٽ جو انتظار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو