اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي جي عبوري ضمانت ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ اعظم سواتي جي تڪراري ٽوئيٽس واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.اعظم سواتي جو وڪيل ۽ جونيئر پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا.پي ٽي آءِ اڳواڻ جي وڪيل اعظم سواتي جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪندي چيو ته اعظم سواتي کي موجوده صورتحال ۾ گرفتار ڪري سگهجي ٿو.وڪيل استدعا ڪئي ته عبوري ضمانت ۾ هڪ کان ٻه مهينا واڌ ڪئي وڃي.عدالت اعظم سواتي جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي سندس عبوري ضمانت ۾ 3 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي. اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اعظم سواتي خدري کي ايندڙ ٻڌڻي تي يقين ڏياريو وڃي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










