لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي سوشل ميڊيا فوڪل پرسن اظهر مشواڻي جي بازيابي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.اظهر مشواڻي جي ڀاءُ مظهر الحسن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواستگذار جو چوڻ آهي ته اظهر مشواڻي پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ٽيم جو ميمبر آهي، اظهر مشواڻي کي 23 مارچ تي سندس گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو، اظهر مشواڻي جي اغوا جو ڪيس گرين ٽائون ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته پوليس کي حڪم ڏنو وڃي ته اظهر مشواڻي کي بازياب ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.










