اسپيڪر باقر قاليباف سان فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات

اسپيڪر باقر قاليباف سان فيلڊ مارشل عاصم منير جي ملاقات

تهران: (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف سان ملاقات ڪئي.ايراني ميڊيا موجب، ملاقات تهران ۾ ٿي جتي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.هڪ ڏينهن اڳ، سيد عاصم منير ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان به ملاقات ڪئي.عباس عراقچي ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جو عزم مضبوط ۽ عام آهي، جيڪو اسان جي گهري ٻطرفي لاڳاپن کي ظاهر ڪري ٿو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته تهران جو هي دورو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ثالثي جي ڪوششن جي هڪ ڪڙي آهي. محسن نقوي پڻ فيلڊ مارشل سان گڏ هن موقعي تي موجود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو