205
ميڊرڊ(ويب ڊيسڪ) اسپين ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي جنهن سبب مري ويلن جو انگ 205 ٿي ويو آهي، هزارين ماڻهو برساتي پاني م ڦاٿل آهن. ڪيترن ماڻهن لڙهي وڃڻ جي ڊپ کان گهرن جي ڇتن ۽ وڻن تي چڙهي پناهه ورتي آهي. اسپين جي اوڀر واري علائقي ويلنسيا ۾ ا؛اري کان برسات شروع ٿي جنهن ۾ ماڻهن جا گهر ۽ گاڏيون به لڙهي ويون آهن. متاثره علائقي م ريڊ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي. عورتن ۽ ٻارن کي ترجيحي بنيادت تي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي. ڄاڻايل ريجن جي ڪجهه علائقن م 200 ملي ميٽر بارش رڪارد ڪئي وئي آهي. موسمياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلين سبب ميڊيٽيرين يعني روم سمنڊ ۾ ٻاڦ جي خارج ٿيڻ جي سطح ۾ واڌ سبب تباهه ڪن بارش ٿي آهي. ياد رهي ته يورپ ۾ 2021 ۾ برساتي ٻوڏ سبب جرمني ۾ 185 مانهو فوت ٿيا هئا. جڏهن ته اسپين ۾ 1996 واري ٻوڏ ۾87 ماڻهو فوت ٿيا هئا. ويلنسيا جو علائقو زرعي پيداوار ۽ خاص ڪري ڪينو پيدا ڪرڻ ۾ مشهور آهي ۽ اسپين جي ڪل ڪينو جو 60 سيڪڙو هن ريجن مان پيدا ٿيندو آهي.










