اسٽيٽ بئنڪ پاران دلچسپ اي ٽي ايم ٽرانزيڪشن ڊيٽا جاري

اسٽيٽ بئنڪ پاران دلچسپ اي ٽي ايم ٽرانزيڪشن ڊيٽا جاري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان گذريل سال رقم جي ادائگي جي نظام جو جائزو وٺڻ بعد رپورٽ جاري ڪئي آهي.مرڪزي بئنڪ موجب 2021 ۾ سڄي ملڪ ۾ 64 ڪروڙ 85 لک اي ٽي ايم ٽرانزيڪشن ٿيون. جن جي ماليت 8791 ارب رپي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب گذريل سال اي ٽي ايمز مان 62 ڪروڙ 70 لک ڀيرا پيسا ڪڍايا ويا. جن جي ماليت 7976 ارب رپيا آهي. جڏهن ته اي ٽي ايمز مان 691 ارب رپيا بئنڪ اڪائونٽس ۾ منتقل ڪيا ويا. ان کان علاوه سال 2021 ۾ 24.60 ارب رپين جا 56 لک يوٽيلٽي بل اي ٽي ايمز ذريعي ادا ڪيا ويا. اسٽيٽ بئنڪ موجب ملڪ ۾ اي ٽي ايمز جو انگ 16 هزار 709 آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو