اسٽيشن ماستر زبون ٿيل تاريخي ماڳ جو ڪم بند ڪرائي ڇڏيو

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ڳوٺ خاصائي ۾ 500 سئو کان وڌيڪ  قديمي ۽ تاريخي ماڳ شهيد دوله درياءَ خان جي اوطاق جو مرمتي ڪم گوپانگ ريلوي اسٽيشن ماستر بند ڪرائي ڇڏيو. سنڌ جو سپه سالار شهيد دوله درياءَ خان سنڌ جي دوري ۽ جنگين دوران اوطاق تعمير ڪرائي آرامي ٿيندو هو خاصائي ويجهو انڊس هاءِ وي ۽ گوپانگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان تاريخي ماڳ جي وڏي عرصي کان مرمت ۽ سارسنڀال نه ٿيڻ سبب زبون حال ٿي صرف نشان رهجي ويا هئا آرڪيولاجي کاتي سنڌ انڊومينٽ فنڊ مان سنڌ جي وزير اعظم شھيد دوله درياءَ خان جي 500 سال اڳ تاريخي اوطاق جي مرمت ڪري ساڳئي صورت ۾ آڻڻ لاءِ مرمت ڪندڙ ٺيڪيدار کي اسٽيشن ماستر داٻا ڏئي ڪم بند ڪرائي عملي کي چئي ريلوي پل هيٺان گذرندڙ پاڻي جي پائيپ لائين ٽوڙي پائيپ اڇلائي ڇڏيا جنهن سبب تاريخي ماڳ جو ڪم بند ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ٺيڪيدار ٻڌايو ته اسٽيشن ماستر ٽن ڏينهن کان روز داٻا ڏئي رهيو آھي کيس ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي. رابطو ڪرڻ تي اسٽيشن ماستر مرتضي ٻٻر ٻڌايو ته ڪم بند ناهي ڪرايو صرف اين او سي گهري آھي پائيپ ٽريڪ مٿان وڃي ٿو اها قانون جي ڀڃڪڙي آھي هوڏانهن هتان جي ساڃاه وندن يوسف عمراڻي، انور مڱڻھار، اشرف عمراڻي، محرم خاصخيلي ۽ ٻين ردعمل ڏيکاريندي ڪم بند ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو