اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ ن کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام

اسٽيبلشمينٽ مسلم ليگ ن کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام

تحرير الله وسايو گهوٽو

مريم نواز جڏهن استيفائون وٺڻ شروع ڪيون ته ان وقت پنجاب اسمبلي ۾ مسلم ليگ ن جي ميمبرن جو تعداد 165 آهي جنهن ۾ پنج اسميبلي ميمبر اهڙا آهن جن ميان محمد نواز شريف جي بيان سان اختلاف ڪيو ۽ اسٽيبلشمينت جي گود ۾ وڃي ويٺا انهن لاءِ مسلم ليگ ن چيو آهي ته انهن کان استعيفائون نه وٺندا سين نه ضرورت آهي انهن جي استعيفائن جي مسلم ليگ ن کي. باقي 160 مان 150 ٽارگيت جي مطابق پنجاب اسمبلي جو استيفائون جمع ٿي چڪيون آهن ۽ اهي ميمبرن جون استيفائون مريم نواز کي ملي چڪيون آهن مريم نواز جو چوڻ آهي ته رهيل ميمبرن جو استعيفائون به جلدي ملي وينديون ۽ انهن پنجن ميمبرن کان استعيفائون نه ورتيون وينديون جن کي پارٽي مان ڪڍيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته انهن  نواز شريف جي بيان سان اتفاق نه ڪيو هو بحرحال باقي چند استيفائون آهن جيڪي به مسلم ليگ ن کي جلدي ملي وينديون.هن وقت جيتري تعداد ۽ جيتري تيزي سان استيفائون مليون آهن اهو اسٽيبلشمينٽ لاءِ هڪ وڏو پيغام آهي ته هو مسلم ليگ ن کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيا. 1999 ۾ جڌهن جنرل پرويز مشرف نواز شريف جي حڪومت ختم ڪئي هئي ان وقت مسلم ليگ ن جي جيڪا حالت ٿي هئي جنهن طريقي ۽جيتري جلدي ۾ مسلم ليگ ن کي اسيمبلين جا ميمبر ڇڏي ويا هئا هاڻي اهي حالات نه آهن ان مان ثابت ٿي ويو آهي ته مسلم جيگ ن سان گڏ جيڪي ميمبر بيٺا آهن اهي انهن سان هميشه لاءِ گڏ آهن ۽ مريم نواز جنهن ظريقي سان حالات تي ڪنٽرول ڪيو آهي يا پارٽي کي سنڀاليو آهي هن اهو ثابت ڪيو آهي ته ان جي اندر ليڊر واريون خاصيتون آهن ۽ هو پارٽي کي اڳتي وڌيڪ متحد ڪري سگهي ٿي ميان نوار شريف جي غير موجو دگي ۾ مريم نواز لاءِ اهوهڪ وڏو اشو۽ امتحان جو وقت هو جيڪومريم نواز پاس ڪري وئي آهي. نواز شريف جي ڊيپورٽيشن جي حوالي سان پاڪستان حڪومت برطانيه حڪومت کي نواز شريف جي واپسي لاء درخواست ڪئي هئي جنهن جي انهن معذرت ڪري ڇڏي ۽ نواز شريف جي ويزا جو مدو وڌائي ڇڏيو آهي شهزاد اڪبر چئي رهيو آهي ته برطانيه حڪومت اڃان ڪو فيصلو نه ڪيو آهي نواز شريف جي واپسي متعلق پر ايئن نه آهي برطانيه نواز شريف جي واپسي لاءِمعزرت ڪري ڇڏي آهي ۽ هن جي ويزا جو مدو وڌائي ڇڏيوآهي ۽ رهڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي آهي. حڪومت جي وڏي ناڪامي جنهن جو اعتراف عمران خان اڍائي سالن کانپوءِ ڪيو آهي ته اسان وٽ حڪومت ڪرڻ لاءِ ٽيم نه هئي جڏهن ته حڪومت ۾ اچڻ کان پهريان عمران خان چوندو هو ته مون وٽ 200 ماڻهن جي ٽيم آهي جيڪي پاليسي ميڪرس آهن ۽ اهي ملڪ کي جلدي مالي بحران مان ڪڍندا اڄڪله عمران خان ۽ اسد عمر جون وڊيوز وائرل ٿيون آهن جيڪي ماضي ۾ هنن اعلان ڪيا ۽ هاڻي يوٽرن ورتو آهي. اڍائي سالن کانپوءِ هنن کي احساس ٿيو آهي ته اسان جي تياري نه هئي اسان کي حڪومت ۾ نه اچڻ گهرجي ها عمران خان جو بيان انهن  جي ناڪامي جو ثبوت آهي ۽ سليڪٽرز جي لاءِ به هي هڪوڏو ثبوت آهي ته هنن هڪ نا اهل شخض کي سليڪٽ ڪيو جنهن ملڪ جي معيشت کي تباه ڪري ڇڏيو ۽ ملڪي تاريخ ۾ ملڪ جو وڏو نقصان ٿيو آهي عمران خان جي بيان جو مطلب هڪ اهو به ٿي سگهي ٿو ته سليڪٽرز جيڪو پي ڊي ايم کي پيغام موڪليو آهي ته اسان جو نالو نه وٺو عمران خان ڄاڻيو اوهان ڄاڻيو جنهن جو مولانا فضل رحمان مردان جلسي ۾ کلي اظهار ڪيو آهي عمران خان جو بيان جو مطلب سليڪٽرز جي همدردي گهٽجن جو اشارو آهي ۽ حڪومت وڃڻ يا  رزائين ڪرڻ  لاءِ پنهنجي ماڻهن کي تيار ڪرڻ جو ماحول بڻائڻ لاءِ ڏنو ويو. اهو پي ڊي ايم تحريڪ جو پريشر به آهي اگر ايئن نه هجي ها ته وزيراعظم ايئن ڇو چوي ها جڏهن ته عمران خان ماضي ۾ ڏاڙهي تي هٿ ڦيري اپوزيشن کي چوندو هو ته توهان کي نه ڇڏيندس ۽ اها وڊيو نواز شريف جي پٽڻ بر طانيه حڪومت کي ڏني آهي ته عمران خان انتقام جي نشي ۾ انڌو ٿي ويو آهي اگر توهان نواز شريف کي ڊي پورٽ ڪندئو ته حڪومت پاڪستان ان کي جيل موڪلياندي ڪوڙن ڪيسن ۾ ان پوائنٽ کي نظر ۾ رکندي برطانيه حڪومت نواز شريف جي ويزا جو مدو 6ڇهه مهينا وڌائي ڇڏيو آهي. نواز شريف جي واپسي ۾ ناڪامي ۽ عمران خان جومايوسي وارو بيان حڪومت جي ناڪامي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ پي ڊي ايم جي ڪاميابي جي عڪاسي ڪري ٿو.مسلم ليگ ن جنهن طريقي سان هن ڀيري جيڪا پاليسي اختيار ڪئي آهي اها پهريان کان مختلف آهي سياسي يا نرم بيان ڏيڻ وارا جيل ۾ آهن ۽ سخت بيان ڏيڻ وارا جيل کان ٻاهر آهن اها سوچڻ جهڙي ڳاله آهي نواز شريف ٽي ڀيرا وزيراعظم رهي چڪو آهي آهي هو هڪ هڪ شيئ کي سٺي طريقي سان سمجهي ٿو هن اقتداري راند ۾ جنهن طريقي سان هن اسٽيبلشمينٽ کي نشانو بڻايو ان سان هو ڪمزور ٿيا آهن ۽ پيغام موڪلي رهيا آهن ته اسان جو نالو نه وٺو باقي عمران خان ڄاڻيو اوهان ڄاڻيو ان سڄي صورتحال کي ڏسندي ايندڙ سال نيون چونڊون نظر اچي رهيون آهن. هڪ ٻيو اهم اشو جيڪونظربه اچي رهيو آهي ته پي ڊي ايم  پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو سربراه مولانا فضل رحمان ناراض آهي ۽ هو ڳڙهي خدا بخش لاڙڪاڻو محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي27 ڊسمبر واري جلسي ۾ شرڪت نه ڪندو ۽ هن چيو به هو ته مان شرڪت نه ڪندس جنهن کانپوءِ آصف علي زرداري جيڪو اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي هن مولانا فضل رحمان کي فون ڪيو ۽ جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ منايو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو