اسٽاڪ ۾ ٻاڙائي 184 ارب جو نقصان، سيڙپڪار پريشان

اسٽاڪ ۾ ٻاڙائي 184 ارب جو نقصان، سيڙپڪار پريشان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مندي سبب هلندڙ هفتي سيڙپڪار جا 184 ارب روپيا ٻڏي ويا آهن. سعودي عرب ۽ روس ۾ شروع ٿيل تيل جي جنگ، ڪورونا وائرس ۽ دنيا ۾ پيٽروليم انڊسٽري جي سيئرز ۾ لاٿ سبب پور دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽس ۾ عجيب ڪيفيت آهي. ڪراچي 100 انڊيڪس ۾ مسلسل لاهي چاڙهي سبب مارڪيٽ غير يقيني واري صورتحال جي ور چڙهيل آهي. 2100 پوائنٽ کان وڌيڪ جي گهٽتائي ٿي چڪي آهي. پرڏيهي سيڙپڪار ڌڙا ڌڙ شيئرز وڪرو ڪري رهيا آهن. بروڪرز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته وڌيڪ نقصان جو انديشو آهي. عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ 25 سيڪڙو لاٿ سبب پيٽروليم انڊسٽري تباهي جي ڪناري تي آهي. اميد آهي ته پاڪستان ۾ 20 کان 25 روپيا پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو