اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي مثبت زون ۾ شروعات

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي مثبت زون ۾ شروعات

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان جو سلسلو برقرار آهي.ڪاروباري هفتي جي پنجين ۽ آخري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 500 کان وڌيڪ پوائنٽن جي اضافي سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ انڊيڪس هڪ لک 85 هزار 116 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ (100) انڊيڪس هڪ لک 84 هزار 520 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو