ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزيءَ جو ۽ مثبت رجحان برقرار آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انڊيڪس هڪ لک 81 هزار پوائنٽس جي حد ٻيهر بحال ڪري ورتي آهي.ڪاروباري هفتي جي چوٿين ڏينهن جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي، جتي 1500 کان وڌيڪ پوائنٽس جي اضافي سان هينڊرڊ انڊيڪس 1 لک 81 هزار 687 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. ياد رهي ته گذريل ڪاروباري ڏينهن جي اختتام تي انڊيڪس 2931 پوائنٽس جي واڌ سان 1 لک 80 هزار 14 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر دورانِ ٽريڊنگ 5 پئسا سستو ٿي 277.75 روپين مان گھٽجي 277.70 روپين جي سطح تي اچي ويو.










