ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ امڪاني سفارتي معاهدي (ڊيل) جي هاڪاري خبرن جي اثر سبب پاڪستان اسٽاڪ ايمسچينج (PSX) ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران ڪاروباري سرگرميون عروج تي پهچي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ 100 انڊيڪس ۾ 5 هزار 318 پوائنٽس جو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن بعد انڊيڪس هڪ لک 76 هزار 339 پوائنٽس جي تاريخي سطح تي پهچي ويو.مارڪيٽ ذريعن موجب، اڄوڪي ڪاروبار دوران هڪ موقعي تي انڊيڪس گهٽ ۾ گهٽ 1 لک 75 هزار 153 پوائنٽس جي سطح تي آيو، پر تيزي جي رجحان سبب اهو وڌي وڌي 1 لک 76 هزار 378 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تائين هليو ويو. ياد رهي ته گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي 100 انڊيڪس 1 لک 71 هزار 21 پوائنٽس تي بند ٿيو هو، پر عالمي پليٽ فارم تي اميدون روشن ٿيڻ بعد سيڙپڪارن ڪروڙين رپين جي نئين سيڙپڪاري ڪئي آهي.










