ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ اڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي دوران منفي لاڙو (مندي) ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جي ڪري ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ وڏي ڪمي رڪارڊ ڪئي وئي. هڪ هفتي ۾ 100 انڊيڪس 4781 پوائنٽن جي ڪمي کانپوءِ 1,71,021 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 8857 پوائنٽن جي هٻڪ (بينڊ) ۾ رهيو، جڏهن ته هفتيوار سڀ کان وڏي سطح 1,78,370 پوائنٽس ۽ گهٽ ۾ گهٽ سطح 1,69,512 پوائنٽس رڪارڊ ڪئي وئي.ان دوران مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 3.48 ارب شيئرز جا سودا ٿيا، جن جي ماليت 138 ارب رپيا رهي. ٻئي پاسي پاڪستان اسٽاڪ اڪسچينج جي مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن ۾ به وڏي ڪمي ڏسڻ ۾ آئي ۽ اها 512 ارب رپيا گهٽجي 19,278 ارب رپيا رهجي وئي.










