اسيمبلي ميمبر ذاتي فائدي لاءِ قانون سازي نه ڪن: چيف جسٽس

اسيمبلي ميمبر ذاتي فائدي لاءِ قانون سازي نه ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس آف پاڪستان عمر عطا بنديال چيو آهي ته اسيمبلي ميمبر ذاتي مفاد لاءِ قانون سازي نه ڪن.سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته ملڪ غير معمولي صورتحال مان گذري رهيو آهي، پي ٽي آءِ جا 150 ميمبر اسيمبلي جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهن، هو ڪيترائي ڀيرا چئي چڪا آهن. اسيمبلي ۾ وڃو، ڪردار ادا ڪريو.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسيمبلي ميمبرن کي ذاتي فائدي لاءِ قانون سازي نه ڪرڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ قانون سازي ۾ مداخلت نٿي چاهي، اسان رڳو بنيادي حقن خلاف ترميمن واري نقطي جو جائزو وٺنداسين، هاءِ پروفائل ڪيسن جو رڪارڊ کڻنداسين. بس ڏسڻو آهي ته ڪيس هلن ٿا يا نه.چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ آئين تحت ڪم ڪندڙ سمورن ادارن جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، غير معمولي حالتن ۾ ڪيس ٻڌڻ ۾ مزو نه اچي رهيو آهي.ان موقعي تي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته عدالت ٻاهران سياسي ماحول بدلجندو رهندو آهي، ڇا عدالت جي اندر سياسي ماحول جو اثر ٿيڻ گهرجي؟ جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي پهرين سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو