اسمبلي مان استعيفيٰ جو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، قريشي

اسمبلي مان استعيفيٰ جو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، قريشي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي اڳوڻي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري جي بيان تي وضاحت ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ بابت اڃا تائين ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو. خانگي ٽي وي نيوز اي آر واءِ جي پروگرام ”سوال هي آهي“ ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيو. هن چيو ته شهباز شريف جي مقابلي ۾ کيس وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪرڻ کان علاوه ان معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ته ڇا ان صورتحال ۾ پارٽي کي قومي اسيمبلي ۾ هجڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته استعيفيٰ واري معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي پر ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، اڳوڻي وزيراعظم سومر تي 12 وڳي پارٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس گهرايو آهي جنهن ۾غور ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو