جاويد احمدچانڊيو
پاڪستان جي سياسي صورتحال تي نظروجهبي ته سياسي مخالفين کي ڪچلڻ جوڪلچرپراڻو ٿي چڪوآهي،ماضي ۽مستقبل جاحڪومتي دورسياسي مخالفين کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ۽ وڏي زورشورسان حڪومتي طاقت استعمال ڪري ادارن۾ مداخلت ڪري سياسي مفادحاصل ڪرڻ لاءِحڪومتي ادارن کي يرغمال بڻايوويندوآهي،سياسي حريفن کي مات ڏيڻ جي ڀرپورڪوشش ڪئي ويندي آهي،سياسي مخالفين کي انتقامي ڪارواين جوبترين ڪارودوروڏي ڪنهن آزمائش کان گهٽ نه هوندوآهي،سياسي انتقامي ڪارواين جادور اڳوڻي ڊڪٽيٽرضياءُالحق،ڄام صادق علي،جنرل پرويزمشرف، ميان محمد نوازشريف،۽پ پ جي حڪومتي دوربه سياسي مخالفين کي مختلف طريقن سان سخت اذيت ۾مبتلا ڪيو ويو،سياسي مخالفين تي مختلف قسم جا ڪوڙا ڪيس،قتل جا ڪيس،ڪاروبار۾نقصان ڏيڻ جي ڪوشش،زعي زمين جوپاڻي بند رکڻ،خاص ماڻهن جون وفاداريون تبديل ڪرڻ،حمايتن،ووٽرن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ،ناحق جيل ۾ رکڻ،بليڪ ميل ڪرڻ، گهرن تي ڇاپا،چادرچوديوارجو به لحاظ نه رکيو ويندوآهي،گارگند،عورتن۽ملازمن سان بدسلوڪي گهرن ۾ڦرلٽ،ڀڃ ڊاهه۽قيمتي شيون غائب ڪرڻ جا واقعاٿيندا رهيا آهن،پوليس کي سياسي مقصدن لا۽استعمال ڪيوويندوآهي،پوليس کان غيرقانوني غيراخلاقي ڪم ورتو ويندوآهي،جمهوريت جي هام هڙندڙپ پ حڪومتي دور ۾ به پنهنجي سياسي مخالفن سان بترين سلوڪ ڪيو ويوآهي، سياسي مخالفين کي ڪمزورڪرڻ لاءِ وڏا جتن ڪياويندا آهن،اهوسچ آهي ته،سياسي انتقامي ڪارواين جو دورڪڏهن به ختم ٿي نه سگهيوآهي،آمريتي فيصلاجمهوريت جي اهميت ختم ڪري ڇڏين ٿا،قانون جي دائري۾سهپ برداشت۽آزادي هر ماڻهون جو بنيادي حق آهي، پ پ به پنهنجي سياسي حريفن سان هر دور۾سياسي انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻائيندي رهي آهي،ماضي ۾ پ پ سان لاڳاپيل۽ پ پ کان سياسي راهون الڳ ٿيندڙ۽پيرصاحب پاڳاراسان ناتو جوڙيندڙحاجي غلام حسين انڙکي سخت اذيتن ۾ مبتلا ڪيو ويو،هرقسم جا ڪوڙاڪيس داخل ڪيا ويا،بيماري جي حالت ۾ به وڏي سختي ڪئي وئي،ڪيسن ۾بچاءُلاءِ وڏيون رڪاوٽون وڌيون ويون، پ پ جي ڳڙهه لاڙڪاڻي ۾ پ پ کي شڪست ڏيندڙانڙخاندان مرحوم حاجي غلام حسين انڙ،مرحوم الطاف حسين انڙپ پ جولاڙڪاڻي ۾ زبردست بهادري سان مقابلوڪيو،عوامي مقبوليت۾ پاڻ مڃايو،پ پ جو لاڙڪاڻي۾ سياسي صفايوڪندڙمرحوم حاجي غلام حسين انڙبه سخت سياسي انتقامي ڪارواين جو نشانو بڻيو،جيل ۾قيد دوران مختلف قسم جا ڪوڙاڪيس داخل ڪري سخت قسم جون اذتيون ڏنيون ويو،مرحوم حاجي غلام حسين انڙموت کي گلي لڳايو،زندگي جي آخري وقت تائين پ پ حڪومت هن جا حوصلاختم نه ڪري سگهي،۽جهڪي نه سگهيو،ساڳوحال جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندرمولاناجان محمد عباسي کي نه بخشيوويو،پ پ جا سياسي مخالفين۽مستقبل ۾ پ پ لاءِ خطروسمجهندڙپاڪستان پيپلزپارٽي ورڪرجي سربراهه ڊاڪٽرصفدرعباسي،معظم عباسي، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽرذوالفقارمرزا،ڊاڪٽر فهميدا مرزا،اڳوڻو وڏووزيرڊاڪٽرارباب غلام رحيم،اڳوڻووڏوزيرسنڌلياقت علي خان جتوئي،ملڪ اسدسڪندر، ملڪ چنگيز خان، نوشهروفيرزجا جتوئي،غلام مرتظا جتوئي۽سندس ڀائرسوٽ،سردارجروار،سردار مير منظورعلي خان پنهور،سردارعلي گوهر خان مهر، حليم عادل شيخ،ڊاڪٽرغلام عباس مهيسر،واپاري اڳواڻ نياز ٻرڙو،محمد قاسم بوزدار، سنڌ يونائٽيڊپارٽي جي صدرسيد زين شاهه،ٻئي طرف حرجماعت،مسلم ليگ (ف)اڳواڻن ۽ڪارڪنن تي مختلف وقتن تي حڪومتي ڪاروايون ٿيون آهن،سياسي انتقامي ڪاواين خلاف حڪومت خلاف احتجاجي جلسا، جلوس،ڌرڻاٿيندا رهيا آهن،معاملوڪورٽن تائين رهيوآهي ، مٿي ذڪرٿيل اڳواڻن۽ان جي حامين کي پوليس جواستعمال ڪري غيرقانوني غيراخلاقي مظاهروڪري ڀرپورسياسي انتقاڪامي ڪارواين جو نشانوبڻايوويو،هن وقت سوشل ميڊياتي پراڻوجيالوپ پ جواڳوڻوصوبائي صلاحڪارسردارمحمداسماعيل ڏاهري جي گرفتاري جووڏو بحث ڇڙيل آهي،هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذري چڪوآهي،سيوهڻ جي ڀرسان لڪي شاهه صدرو يجهوآمري پل تي 60 پوليس موبائيل گاڏين سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جوگهيروڪري ان کي گرفتارڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايوويو،جسم تي تشددجانشان۽سيل وارڊ۾ بند ڪيو ويو آهي، سردار محمد اسماعيل ڏاهري تي غيرقانوني اسلحو،۽منشيات سميت بيشمارڪيس داخل ڪيا ويا آهن،سردارمحمد اسماعيل ڏاهري شهيدراڻي محترما بينظيرڀٽوجي قتل بابت کليل لفظن۾اظهار ڪيو،ڇرڪائيندڙانڪشاف کان پوءِ پ پ جي صفن ۾وڏو ٿرٿلومتل آهي،زبان کولڻ سان ملڪي سياست وڏو زلزلوآيوآهي،سردار محمداسماعيل ڏاهري ڇرڪائيندڙانڪشاف ڪندي چيوآهي ته طالبان جي استاد،اڪوڙاخٽڪ مدرسي جي باني مولانا سميع الحق کي محترمه بينظير ڀٽوجي قتل جوماسٽرمائينڊقرارڏنوآهي،شهيد راڻي محترمه بينظيرڀٽوجي قتل۾ 14اربن ۾ معاملوطئي ٿيو، سردار محمد اسماعيل ڏاهري جي بي گناهه گرفتاري۽ڪوڙن ڪيسن خلاف عدالت ۾هن جي آزادي لاءِ ڪوشش ڪندڙڀائرن علي رضاڏاهري کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي،سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جو پورو خاندان اڪثرگرفتار ٿي چڪو آهي، بيمار۽معصوم نينگرن کي به نه بخشيو ويوآهي،نواب شاهه، ڄام شورو،دادو، لاڙڪاڻو جيل۾سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جي گهر جا فردجيلن ۾ واڙيل آهن پوليس جي سخت ڪاروائي مان محسوس ٿي رهيوهو ته سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جو تعلق ڄڻ ڀارتي جاسوس ياطالبان۽القاعده سان تعلق آهي،سردارمحمد اسماعيل ڏاهري تي ڪيس ته داخل آهن،پر ان جي زرعي زمين آمد معاش ڪاروبارکي بري طرح ختم ڪيوويوآهي،گهر۾ڇاپي دوران عورتن جو سون۽قيمتي سامان غائب ڪيو ويوآهي،اهڙي واقعي کان پوءِ سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جي حامين،همدرن،ڏاهري برداري ۾وڏوانتشار۽بي چيني پکڙيل آهي،عوامي احتجاج جو رستوروڪڻ لاءِدولت پور صفن سميت ٻين علائقن ۾ڪرفيوجهڙو ڏيک آهي، ٻئي طرف پوليس جون سخت ڪاروايون ڪري محمد اسماعيل ڏاهري جي حامين جو وڏوتعدادگرفتارڪري علائقي ۾ سخت خوف حيراس ڏهڪاءُپکيڙيوآهي،سردار محمداسماعيل ڏاهري جي آزادي۽هن جي حمايت ڏوهه بڻجي چڪي آهي،سردار محمد اسماعيل ڏاهري ڏوهي يا بيگناهه فيصلو عدالت کي ڪرڻوآهي، سردار محمد اسماعيل ڏاهري جونياڻيون،ڀينرون جيڪي پردي دارگهريلوعورتون آهن، سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جي ڀينرن حميده ڏاهري،فريده ڏاهري،ماسي شريفان ڏاهري،حاجياڻي ڏاهري، ٻين پهريون ڀيروميڊياتي ڏکن دردن جا داستان کولي ڇڏيا،هنن جو چوڻ آهي ته پوليس جي وهشين ڪارواين ڪري اسان جو جيئڻ حرام آهي،گهرن ۾ڦرلٽ گارگند بتميزي سميت قتل جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن،اسان جي گهرن جو سمورا مردجيلن ۾ قيد آهن،پوليس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي،اسان چيف آف آرمي، چيف جسٽس ،حرن روحاني رهبرپيرصاحب پاڳارو،لياقت علي خان جتوئي،ڊاڪٽر قادر مگسي، سيد زين شاه، قوم پرست ڌرين، ميڊياوارن، انساني حقن سان لاڳاپيل تنظيمن ۽وس وارين اختيارن کي اپيل ڪئي آهي ته سردارمحمد اسماعيل ڏاهري جي زندگي بچائي وڃي،سمورن بيگناه قيد مردن کي آزاد ڪري ڪوڙاڪيس ختم ڪيا وڃن،اسان سان انصاف ڪيو وڃي،










