اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات، نالي لئي ۾ پاڻي وڌي ويو، ايمرجنسي لاڳو

اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برسات، نالي لئي ۾ پاڻي وڌي ويو، ايمرجنسي لاڳو

اسلام آباد/راولپنڊي (ويب ڊيسڪ): اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ زوردار برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته نالي لئي ۾ پاڻي جي سطح پري الرٽ تائين پهچي وئي آهي. صورتحال کي نظر ۾ رکندي ضلعي انتظاميا طرفان ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ رين ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.ضلعي انتظاميا موجب نالي لئي ۾ ڪٽاريان وٽ پاڻي جو وهڪرو 9 فوٽ، جڏهن ته گوالمنڊي وٽ پاڻي جي سطح 11 فوٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.راولپنڊي جي شمس آباد واري علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ 116 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته مسلسل برسات سبب مري روڊ سميت شهر جي مختلف هيٺاهين وارن علائقن ۾ برساتي پاڻي جمع ٿي ويو آهي.برساتي پاڻي جمع ٿيڻ کانپوءِ راولپنڊي واسا جي ٽيمن ڊي واٽرنگ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته انتظاميا طرفان نالي لئي ۽ ٻين نالن جي صورتحال تي مسلسل نظر رکي پئي وڃي.ضلعي انتظاميا موجب واسا جون ٽيمون هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مختلف هنڌن تي مقرر ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رکيو ويو آهي.ٻئي طرف موسميات کاتي آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ اڄ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي موجب ملڪ ۾ مون سون جو ڇهون اسپيل 21 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو. انتظاميا شهرين کي برسات دوران غيرضروري سفر کان پاسو ڪرڻ ۽ نالن، ندي نالن ۽ هيٺاهين وارن علائقن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ لاڳاپيل ادارن سان رابطو ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو