اسلام آباد(بيورو رپورٽ ) پابندي مڙهيل فنڊنگ ڪيس ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس عامر فاروق سومر 10 آڪٽوبر تي پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو.پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته فنڊنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي کي گرفتارين ۽ ڇاپن کان روڪيو وڃي.درخواست ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي سينيٽر سيف الله نيازي جي گهر تي ڇاپو هنيو ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ کي حراسان ڪيو.پي ٽي آءِ جي درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي جي انڪوائري ۽ ڇاپا غير قانوني آهن، ان کي فوري طور بند ڪيو وڃي.تحريڪ انصاف موقف اختيار ڪيو ته ايف آءِ اي سياسي بنيادن تي هارائي رهي آهي، عدالت وفاقي جاچ اداري کي فنڊنگ ڪيس جي جاچ کان روڪي. پي ٽي آءِ درخواست ۾ چيو ته اسان حڪومت مخالف تحريڪ لاءِ فنڊ گڏ ڪيا، پرڏيهه مان مليل سمورا فنڊ قانون موجب وصول ڪيا. مخالف ڌر پنهنجي درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي ۽ جاچ آفيسر کي ڌر بڻايو آهي.










