اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ايندڙ هفتي ڊيوٽي روسٽر جاري

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ايندڙ هفتي ڊيوٽي روسٽر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايندڙ هفتي 2 ڊويزنون ۽ 8 سنگل بينچ موجود هونديون، چيف جسٽس جي منظوري سان رجسٽرار آفيس ڊيوٽي روسٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي.هن روسٽر موجب، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس بابر ستار ۽ جسٽس محمد آصف ايندڙ هفتي لاءِ موجود نه هوندا.پهرين ڊويزن بينچ ۾ جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس انعام امين منهاس شامل هوندا، جڏهن ته ٻئي ڊويزن بينچ ۾ جسٽس خادم حسين سومرو ۽ جسٽس محمد اعظم خان شامل هوندا. چيف جسٽس جي منظوري سان خاص ۽ وڏيون بينچون پڻ ٺاهي سگهجن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو