اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گادي واري شهر اسلام آباد سميت ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.آچر ڏينهن صبح جو اسلام آباد سميت پوٽوهار ريجن، آزاد ڪشمير جي وادي نيلم، پشاور سميت خيبرپختون خواهه جي مختلف علائقن ۽ گلگت بلتستان ۾ شگر ۽ اسڪردو ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا پر ڪنهن به قسم جي جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا. ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.7 رڪارڊ ڪئي وئي ۽ ان جو مرڪز چلاس کان 58 ڪلوميٽر ڏکڻ اتر ۾ ۽ ان جي گهرائي 15 ڪلوميٽر هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو