اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ميئر شيخ انصر عزيز استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. شيخ انصر عزيز پنهنجي استعيفيٰ چيف اليڪشن ڪمشنر ڏانهن اماڻي ڇڏي. ذريعن موجب شيخ انصر عزير استعيفيٰ ۾ ڪارڻ نه ٻڌايا آهن. ياد رهي ته سندس تعلق مسلم ليگ (ن) سان هو ۽ پي ٽي آءِ حڪومت فنڊ روڪي چونڊيل مڪاني حڪومت بدران اختيار ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي ذريعي استعمال ڪري رهي هئي.










