شڪارپور (ن سنڌيار) اسسٽنٽ ڪمشنر جا ڇاپا، وڌيڪ اگھ وٺندڙ واپاري گرفتار، اسان کي متان کان ئي اگھ وڌيڪ ملن پيا، جن تحت اسين سامان وڪرو ڪيون پيا، گرفتار ٿيل واپاري، خبر موجب ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر سبزين ء کاڌي پيتي جي ٻين شين جي اگھن ۾ ھٿرادو واڌ جي عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي چئني تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ء مختيارڪارن کي پرسئيس چيڪنگ جي ھدايت ڪئي آھي ء واڌو قيمتون وٺندڙ دڪاندارن ء واپارين خلاف ڪاروائي جو حڪم ڏنو آھي. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور آصف رضا چانڊيو پاران شڪارپور جي اسٽورٽ گنج واري علائقي ۾ ڇاپا ھڻي 10 کان وڌيڪ سبزي ۽ ڪريانه جي دڪاندارن کي وڌيڪ ريٽ وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ڏنڊ وصول ڪيو، واپارين جي گرفتاري خلاف ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن ۽ آل شڪارپور سمال ٽريڊرس پاران احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي آل شڪارپور سمال ٽريڊرس جي صدر حافظ زبیراحمد ميمڻ، ڪريانه مرچنٽ ايسوسيئيشن جي صدر فائق احمد ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسين ھميشه انتظاميه سان تعاون ڪيو آھي، منافعي خور دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي اسان به حمايت ڪيون ٿا ، ليڪن اڄ اسسٽنٽ ڪمشنر پاران مناسب ريٽ ھلائڻ باوجود ڪجھ دڪاندارن جي تذليل ڪري انھن کي گرفتار ڪري ڏنڊ وصول ڪيا ويا آهن.










