اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف خميس ڏينهن قطر جي هڪ ڏينهن واري دوران قطر جي امير شيخ حماد بن خليفه الثاني سان ملاقات ۾ چيو ته اسرائيلي جارحيت خلاف مسلمان امت کي متحد ٿيڻ گهرجي. اڱاري ڏينهن اسرائيل حماس جي اڳواڻن تي دوحه ۾ هوائي حملو ڪيو هو، جنهن سان سندس فوجي ڪاررواين جو دائرو وچ اوڀر کان وڌي خليجي عرب رياست تائين پهتو، جتي فلسطيني گروهه جو سياسي مرڪز ڊگهي عرصي کان موجود آهي. حملي ۾ قطري سيڪورٽي فورسز جو ه اهلڪار، حماس اڳواڻ خليل الحيه جو پٽ ۽ سندس 3 بادي گارڊ مارجي ويا هئا. سعودي عرب، برطانيا ۽ فرانس سميت اڪثر ملڪن جي سربراهن اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي هئي. جنهن تي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو، حملي جي مذمت ڪندڙن تي تنقيد ڪندي چيو ته کين شرم اچڻ گهرجي، ڇو ته انهن سڀني پاڪستان ۾ اسامه بن لادڻ کي آمريڪي حملي ۾ مارجڻ تي تاڙيون وڄايون هيون. حماس جي ذريعن موجب، گروهه جي نمائندن کي ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن اهي غزه ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تجويز ڪيل جنگبندي تي بحث ڪري رهيا هئا. قطر ان حملي کي “بزدلاڻو” قرار ڏيندي بين الاقوامي قانون جي مڪمل ڀڃڪڙي قرار ڏنو. وزيراعظم شهباز، هڪ ڏينهن جي دوري تي، قطر جي امير شيخ حمد بن خليفه آل ثاني جي محل پهتو ته جيئن حملي کان پوءِ يڪجهتي جو اظهار ڪري. سرڪاري بيان موجب “وزيراعظم زور ڏنو ته اسرائيل جي جاري جارحيت کي روڪڻ لازمي آهي ۽ اسلامي دنيا کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد جي ضرورت آهي ته جيئن اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪري سگهجي.” بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم اسرائيلي حملي کي قطر جي خودمختياري ۽ سالميت جي صريحا ڀڃڪڙي قرار ڏيندي سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي قيادت ۽ عوام هن حملي تي انتهائي پريشان آهن، جيڪو عالمي قانون جي ابتڙ آهي. وزيراعظم چيو: “پاڪستان ۽ قطر جا تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن. ڀائراڻي جذبي هيٺ پاڪستان، قطر جي امير، شاهي خاندان ۽ ڀائراڻي عوام سان هن ڏکئي وقت ۾ ڪلهي سان ڪلهو ڏئي بيٺو آهي.” هن قطري قيادت کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ان غير منصفاڻي اُڪساڻين جي خلاف مڪمل سهڪار ۽ يڪجهتي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم قيمتي جاني نقصان تي گہري همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلدي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم شهباز قطر جي “ذميوار ۽ تعميري ثالثي واري ڪردار” جي واکاڻ ڪئي، جيڪو غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ ادا ٿي رهيو آهي. هن زور ڏنو ته دوحه ۾ ٿيندڙ اسرائيلي حملا واضع طور تي علائقائي استحڪام کي ڪمزور ڪرڻ ۽ انساني ۽ سفارتي ڪوششن کي خطري ۾ وجهڻ جي ڪوشش آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان، قطر جي درخواست تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرايو آهي ته جيئن وچ اوڀر ۾ تازي حالتن تي بحث ٿي سگهي. هن قطر جي 15 سيپٽمبر تي عرب-اسلامي اجلاس سڏڻ جي فيصلي جي ڀليڪار ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان اجلاس کي گڏيل طور منظم ڪرڻ لاءِ او آءِ سي سان تعاون لاءِ تيار آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو: “وزيراعظم پنهنجي عاليشان امير جو پاڪستان لاءِ مضبوط سهڪار تي ٿورائتو ٿيو، جيڪو هندستان جي ناحق جارحيت وقت مليو. امير قطر، وزيراعظم شهباز شريف جي دوحه آمد تي شڪريو ادا ڪيو ته جيئن يڪجهتي جو اظهار ڪري سگهجي.” ٻنهي اڳواڻن علائقائي امن جي واڌاري، بين الاقوامي قانون جي پاسداري ۽ فلسطيني عوام جي جائز حقن جي حمايت لاءِ ويجهڙائي سان گڏ ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. دوري دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي ڀائراڻن لاڳاپن کي ٻيهر ورجايو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز اڄ دوحه پهتو، جتي کيس قطر جي نائب وزيراعظم ۽ وزير دفاع شيخ سعود بن عبدالرحمان بن حسن آل ثاني ڀليڪار ڪيو. پرڏيهي وزارت جي بيان موجب: “وزيراعظم شهباز، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ، امير قطر شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان ملاقات ڪندو ته جيئن قطر سان همدردي ۽ سهڪار جو پيغام پهچائي سگهي.” بيان ۾ چيو ويو ته هي دورو قطر جي سلامتي ۽ خودمختياري لاءِ پاڪستان جي اٽل حمايت ۽ وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ عزم کي ظاهر ڪري ٿو. سرڪاري خابرو اداري اي پي پي موجب، وزيراعظم ۽ امير قطر جي ملاقات ۾ اسرائيل جي خطي جي ٻين ملڪن تي غير ضروري حملا، جاري جارحيت ۽ علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي به صلاح مشورا ڪيا. ٻئي پاسي گڏيل عرب امارات جو صدر به اطحار يڪجهتي لاءِ دوحهه پهتل آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي آمد به متوقع آهي.










