اسد مجيد تي دٻاءُ جون خبرون بي بنياد قرار

اسد مجيد تي دٻاءُ جون خبرون بي بنياد قرار

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار سفير اسد مجيد تي دٻاءُ جي خبرن کي بي بنياد قرارڏيندي چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو واضح آهي قومي اسيمبلي ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ بيروني سازش جو ڪو ثبوت ناهي مليو پاڪستان جي آئين تحت جمهوريت ٽرانزيشن ٿي وزيراعظم شهبازشريف کي ڪيترن ئي ملڪن طرفان مبارڪن جا پيغام آيا پاڪستان پنهنجي سفارتڪاري قومي ملڪي مفاد مطابق جاري رکندو عالمي برادري فلسطينين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ڀارتي غيرقانوني قدمن کان آگاهه آهي افغانستان ۾ دهشتگردي جي نئين لهر تي به ڳڻتي آهي هفتيوار نيوز بريفنگ دوران عاصم افتخار چيو ته پاڪستاني سفير اسد مجيد قومي سلامتي ڪميٽي کي بريف ڪيو قومي سلامتي ڪميٽي جو پڌرنامو جاري آهي اسد مجيد تي دٻاءُ جون خبرون بي بنياد آهي آمريڪي سفارتڪار کي قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلي مطابق احتجاجي خط ڏنو ويو. ترجمان ٻڌايو ته اسد مجيد نئين اسائمينٽ تي برسلز ۾ آهي قومي سلامتي ڪميٽي جي ميٽنگ ۾ ٻاهرين سازش جا ڪي ثبوت ناهن مليا سازشي ٿيوري جهڙيون ڳالهيون اسان جي سفارتڪاري کي متاثر ڪن ٿيون وزيراعظم چين سعودي عرب ۽ ترڪي جي سربراهن جو شڪريو ادا ڪيو ترجمان ٻڌايو ته آمريڪي ميمبر ڪانگريز الهان عمر ڪشمير ۽ لاهور جا دورا ڪيا آمريڪي ميمبر ڪشمير مسئلي کي ڪانگريس ۾ اٿارڻ جو واعدو ڪيو عاصم افتخار چيو ته افغانستان ۾ دهشتگردن حملن جي سخت مذمت ڪريون ٿا فلسطين ۾ مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي ابتڙ قدمن کان پاسو ڪري والاريل ڪشمير م گذريل هفتي 7 بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو هن چيو ته پاڪستان ڪرتارپور بابت ڀارت جي پروپيگنڊي کي سختي سان رد ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو