اسد طور جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد، جيل حوالي

اسد طور جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد، جيل حوالي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جوڊيشل مئجسٽريٽ اسد جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ صحافي اسد جي جسماني رمانڊ تي نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سيشن عدالت ۾ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته پيڪا ايڪٽ موجب هو 30 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺي سگهي ٿو. اسد کي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي ضرورت آهي.سيشن ڪورٽ جي جج طاهر عباس سپرا پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوڊيشل مئجسٽريٽ اسد جو جسماني رمانڊ ڏنو آهي؟ جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جواب ڏنو ته جڊيشل مئجسٽريٽ چيو ته پهريان توهان جي عدالت ۾ پيش ڪريو.جج چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ کان پڇو سندس ذهن مان حڪم ڏيو، نظرثاني درخواست تي فيصلو پاڻ ئي ڪندس.جج طاهر عباس اسد جي نظرثاني درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.ٻئي طرف جڊيشل مئجسٽريٽ شبير ڀٽي جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر چيو ته غير قانوني طور تي اليڪٽرونڪ ڊيوائس هٿ ڪرڻي آهي، هو جوابدار جو وڌيڪ 4 ڏينهن جو جسماني رمانڊ وٺڻ چاهين ٿا.ايف آءِ اي جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي جڊيشل مئجسٽريٽ اسد توره کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو ۽ کيس 22 مارچ تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو