لنڊن(ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي نئون پاڪستاني پاسپورٽ ملي ويو.قابل اعتماد ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اسحاق ڊار لنڊن ۾ موجود آهي ۽ جولاءِ جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ ان حوالي سان دوري جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف اسحاق ڊار کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کيس پاڪستان اچڻ ۽ اقتصادي ٽيم جو حصو بڻائڻ جو چيو هو. ذريعن موجب اسحاق ڊار به واپس ايندو ۽ پنهنجي خلاف داخل ڪيسن کي منهن ڏيندو، ان حوالي سان قانوني ٽيم جوڙي وئي آهي. ذريعن موجب اسحاق ڊار پاڪستان پهچندي ئي سينيٽر جون ذميواريون سنڀاليندو، هارلي اسٽريٽ جي ڊاڪٽرن جيڪي پيٽ جي درد جو علاج ڪري رهيا آهن، اسحاق ڊار کي سفر جي اجازت به ڏئي ڇڏي آهي.










