اسحاق ڊار جي گهر ۾ قائم پناهه گاهه  ختم

اسحاق ڊار جي گهر ۾ قائم پناهه گاهه ختم

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي رهائشگاهه هجويري هائوس کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب لاهور جي ضلعي انتظاميه هجويري هائوس لاهور ۾ اسحاق ڊار گلبرگ جي گهر جي صفائي ڪئي.ياد رهي ته گلبرگ ۾ اسحاق ڊار جي هجويري هائوس کي نيلامي لاءِ ضلعي انتظاميه حوالي ڪيو ويو هو.ضلعي انتظاميا 2020ع ۾ هجويري هائوس نيلام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ڪنهن به خريدار نيلامي ۾ حصو نه ورتو هو. جڏهن ته نيلامي نه ٿيڻ تي هجويري هائوس پناهه گاه ۾ تبديل ٿي ويو هو پر هاڻ ضلعي انتظاميا ان پناهه گاه کي هٽائي صفائي ڪرائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو