اسحاق ڊار جي منجمند اثاثن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع

اسحاق ڊار جي منجمند اثاثن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي منجمند اثاثن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڏني نيب پاران ضلعي انتظاميه لاهور کي پيغام اماڻيو ويو آهي جنهن ۾ اسحاق ڊار جي پنج بئنڪ اڪائونٽ ۽ هڪ گهر کي بحال ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي نيب جي خط ۾ اسحاق ڊار جي 7 ايڇ گلبرگ ٿري هجوري هائوس کي واپس ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي خط ۾ اسحاق ڊار جي بئنڪ الفلاح (2)، حبيب بئنڪ، الائيڊ بئنڪ، البرڪا بئنڪ جا اڪائونٽس بحال ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، ضلعي انتظاميه لاهور نيب کي خط جي تصديق لاءِ جوابي خط لکي ڇڏيو اهي جنهن ۾ چيو ويو ته نيب اسحاق ڊار جي پراپرٽِ ۽ اڪائونٽس جي بحالي بابت جيڪو پيغام موڪليو آهي ان جي تصديق ڪئي وڃي نيب جي تصديقي خط کان پوءِ ضلعي انتظاميه پاران اسحاق ڊار جا اڪائونٽس ۽ پراپرٽي کي بحال ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو