اسحاق ڊار جي درخواست چيف جسٽس ڏانهن فارورڊ

اسحاق ڊار جي درخواست چيف جسٽس ڏانهن فارورڊ

لاهور(ويب ڊيسڪ) ويڊيو لنڪ ذريعي حلف کڻڻ بابت اسحاق ڊار جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس فيصل زمان خان چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏي آهي ته جيئن سندس ڪيس جي ٻڌڻي ڪنهن ٻئي جج جي عدالت ۾ ٿي سگهي، اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪئي آهي. اسحاق ڊار پنهنجي خاص وڪيل ذريعي درخواست داخل ڪئي جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي ته سينيٽ چيئرمين کي هدايت ڪريو ته وڊيو لنڪ ذريعي کيس حلف کڻايو وڃي. جسٽس محمد علي خان چيو ته اسحاق ڊار جي درخواست سندس ساٿي ججن وٽ اڳ ئي التوا ۾ آهي، مناسب هوندو ته ساڳيو جج ٻي درخواست تي به ٻڌڻي ڪري. هن اڳ ۾ اهڙي درخواست سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي ڏني هئي جنهن اها رد ڪري ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو