استيعفيٰ نه لکيو،نه موڪليو،شڪور شاد پاران استيعفيٰ منظوري چئلينج

استيعفيٰ نه لکيو،نه موڪليو،شڪور شاد پاران استيعفيٰ منظوري چئلينج

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪراچي مان استعيفيٰ ڏيندڙ قومي اسيمبلي ميمبر شڪور شاد استعيفيٰ جي منظوري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. 2018ع جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ تي لياري مان ايم اين اي بڻيل شڪور شاد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ چيو آهي ته مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفيٰ ناهي ڏني، استعيفيٰ ڪمپيوٽر آپريٽر جي لکيل آهي. پارٽي جي هيڊ آفيس ۾ 123 ميمبرن جا دستخط گڏ ڪيا ويا.شڪور شاد چيو ته استعيفيٰ اسپيڪر کي نالو ۽ تاريخ لکڻ کانسواءِ موڪلي وئي، پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته اهي استعيفيٰ پارٽي ڊسيپلين برقرار رکڻ لاءِ آهن، استعيفيٰ عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ۽ سياسي مقصدن لاءِ ڏني وئي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته استعيفائن جي منظوري عدالتي فيصلن جي ڀڃڪڙي آهي، اليڪشن شيڊول معطل ڪري سيٽ خالي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو