استادن جي حقن لاءِ ڀٽ شاهه پيادل لانگ مارچ

عارف قريشي
پ ٽ الف جي اڳوڻي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو پاران 11 ڊسمبر 2022 کان استادن جي حقن جي حاصلات لاء پرعزم جدوجهد جو ڏينهن آهي اسين ڀٽ شاهه کان پيادل لانگ مارچ شروع ڪندا سين جڏهن ته طبيعت پڻ خراب آهي گذريل ڪافي ڏينهن کان مسسلسل ڊاڪٽرن جي ٽريٽمنٽ هيٺ پڻ آهيان ان باوجود استادن جي حقن لاء پيادل لانگ مارچ جي شروعات ڪندس ۽ طبيعت خراب ٿيندي ته وهيل چئير تي پڻ سفر ڪندس ان دوران دوستن جي مشاورت سان لائنحه عمل جوڙيندا سين اسان جي جدوجهد جي شروعات جو مقصد صرف ۽ صرف استادن جي مسئلن جو حل آهي استادن جا مسئلا ڪافي حل طلب آهن جنهن ۾ 2001 کان 2019 تائين مختلف وقتن تي حڪومت سنڌ پاران تعليم کاتي ۾ استادن جي ڀرتي ڪيل آهن ۽ ان جمهوري حڪومتن 2001 کان 2019 تائين جيڪي به ڀرتيون ڪيون انهن کي ريگيولر ڪري تاريخي قدم کنيا آهن مگر عرض ڪندا هلون ته 2001 کان 2019 تائين ريگيولر ڪيل استادن کي ڀرتي واري تاريخ کان پڪو ناهي ڪيو اهو سراسر نا انصافي آهي سنڌ هائيڪورٽ سکر بئنچ جي ڪيل فيصلي تحت استادن کي پنهنجي مقرري واري تاريخ کان پڪو ڪرڻ جو حڪم ڏنل آهي جنهن تحت ڊائريڪٽر تعليم سکر جيڪي استاد ڪورٽ ۾ ويا هئا صرف هنن کي ڀرتي واري تاريخ کان ريگيولر ڪيو جڏهن ته سنڌ هائيڪورٽ جو فيصلو پوري صوبي تي لاڳو ٿئي ٿو جڏهن خيبر پختونخواهه صوبي ، پنجاب ، بلوچستان صوبي جي حڪومتن ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيل استادن کي مقرري واري تاريخ کان ريگيولر ڪيو آهي ته پوء سنڌ جي استادن سان نا انصافي ٻٽو ميعار چو؟
حڪومت سنڌ هن پرائمري پوسٽ جي اپگريڊ ڪري 14 اسڪيل ۾ ڪئي آهي جنهن تحت سموري سنڌ ۾ ميرٽ تي خالي پيل پوسٽن تي مستقل بنيادن تي ڀرتيون ڪري تاريخي قدم کنيو جنهن جي جيتري به تعريف ڪجي گهٽ آهي پر جيڪي سينئر استاد 9 گريڊ ۾ ڀرتي ڪيل آهن انصاف جي تقاضا آهي ته هنن کي 2021 کان اپگريڊ ڪري اپگريڊيشن جي نڪتل نوٽيفيڪشن ۾ جيڪي شرط لڳل آهن ختم ڪري بنا شرط اپگريڊيشن جو دوباره نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو وڃي جڏهن تعليم کاتي جي ملازمن جنهن ۾ بائيوميٽرڪ اسسٽنٽ جي 14 گريڊ جي پوسٽ 16 گريڊ ۾ اپگريڊ ڪئي وئي آهي اهڙي طرح ڪمپيوٽر آپريٽر جي 11 اسڪيل جي پوسٽ 17 گريڊ ۾ اپگريڊ ڪئي وئي ۽ جونئير ڪلرڪ 7/5 پوسٽ 11 گريڊ ۾ بنا ڪنهن شرط جي هڪ نوٽيفيڪيشن زريعي اپگريڊ ڪرڻ لاء پاء وٺڻ حڪومت سنڌ کان گهر ٿا ڪريون ته بائيوميٽرڪ کي ضلعي ليول تي لاڳو ڪيو وڃي جنهن متعلق ڪافي دفعا تعليم کاتي وعده پڻ ڪيا مگر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو جڏهن بائيوميٽرڪ لاڳو ڪيو ويو ان وقت سنڌ ۾ سڀني تعلقه ايجوڪيشن ۽ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن کي هڪ ڊيوائس ڏني وئي جنهن تحت جيڪا بدلي ٿيندي هئي ان ئي وقت ان استادن جي بائيوميٽرڪ تبديل ٿي ويندي هئي هاڻ اهي ٽي اي او ۽ ڊي اي او جا پاور ختم ڪري سموري سنڌ جي استادن جو بائيوميٽرڪ تبديل ڪرڻ جا اختيار سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ رکي ان کي سوني جهرڪيءَ بڻائي مختلف ريٽ مقرر ڪيا ويا آهن اها ڳالهه پوري سنڌ کي خبر آهي ان ڪري هاڻي وري استادن جون بدليون ۽ سيڪريٽريٽ وارا ڪندا آهن جيڪي پڻ ڏيتي ليتي کان سواء نٿيون ٿيڻ جيڪو ظلم ختم ڪيو وڃي پرائمري تعليم کي تباهه ڪرڻ لاء پرائمري اسڪولن تي مختلف تجربا ڪري هٿ وٺي پرائمري تعليم تباهه ڪئي پئي وڃي ڪڏهن آئي بي اي هيڊ ماستر مقرر ڪري ڪڏهن ڪئپمس ، ڪلسٽر اسڪول مقرر ڪري استادن کي غلام بڻائي ٻين جي حوالي ڪيو پيو وڃي هاڻ ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ايڇ ايس ٽي وارن کي پروموشن ڏئي ڪجهه اسڪولن گڏائي کيس 17 گريڊ ۾ هيڊ ماستر ڪري اهو اسڪول هن جي ماتحت هلندا جيڪو سراسر سينئر پرائمري استادن سان ظلم آهي سينئر استادن جن جي 30 سال کان مٿي سروس آهي هنن جو حق ٿئي ٿو ته انهن کي 17 گريڊ ڏئي مقرر ڪيو وڃي اسين گذارش ٿا ڪريون ته هاڻي گهڻا تجربا ٿي چڪا پرائمري جو پراڻو تعليمي نظام بحال ڪرڻ کپي. حڪومت سنڌ تعليم کاتي آئي بي معرفت ڀرتيون ڪيون آهن جڏهن ڪافي ضلعن ۾ ڀرتي ڪيل استادن کي 6 مهينا گذري وڃڻ باوجود پگهارن جي ادائيگي ناهي ٿي سگهي ڇا ڪاڻ ڪافي استاد پري پري وارن اسڪولن ۾ ڊيوٽيون ڪرڻ وڃڻ ٿا ان لاء کيس جلدي پگهارون ڏئي انصاف ڪيو وڃي سيڪريٽري تعليم صاحب هڪ دفعو لائيو اچي پاڻ چيو ته اي جي سنڌ چوي ٿو ته اسين هڪ مهيني ۾ صرف 5 هزار آئيڊيز کولي ڏيندا سون جنهن سان سال لڳي ويندا ي جي سنڌ جي سرپرستي ۾ پوري سنڌ جي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسون رشوت جي آماجگاهه بڻيل آهن هنن کي رشوت ڏيو ته 15 ڏينهن اندر هڪ لک آئيڊيز کولي ڏيندا اسين اهڙي اي جي سنڌ جي ظلم خلاف پوري سنڌ جا استاد ڪراچي ۾ ڌرڻو هڻندا سين سائين منهجا استادن جي هر مهيني پگهار مان گروپ انشورنس جي مد ۾ پئسا ڪٽيا ٿا وڃن ٻين صوبن جي استادن کي ريٽائر ٿيڻ گروپ انشورس جي ادائيگي ڪئي وڃي مگر سنڌ جي استادن ملازمن کي ريٽائر ٿيڻ تي گروپ انشورنس نٿي ڏني وڃي اسان گهر ٿا ڪريون ته ريٽائر ٿيڻ تي گروپ انشورنس ڏني وڃي.استاد وڌيڪ پڙهندو ۽ پڙهيل هوندو ته وڌيڪ صلاحيتن سان پڙهائيندو مگر افسوس جنرل پرويز مشرف جي آمر حڪومت 2002 کان وڃي بي ايڊ ، ايم ايڊ جو ساليانو انڪريمنٽون بند ڪيل آهن فوري انڪريمنٽون بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي
حڪومت کي گذارش ٿا ڪريون ته سنڌ جي استادن کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا وڃن ڇا ڪاڻ استاد ذهني پورهيو ٿو ڪري استادن کي ميڊيڪل الائونس تمام گهٽ ملي ٿو ان ڪري استادن جي بيماري ۾ علاج لاء هيلٿ ڪارڊ جاري ڪري ذهني سڪون ڏئي استادن جي عزت ڪندا
سائين منهنجا ماضي ۾ سنڌ جي استادن کي سندن اولاد جي 25 فيصد سن ڪوٽا نوڪرين ۾ ملندي هئي جيڪي هاڻ نٿي ملي استادن جي اولاد جي ڪوٽا بحال ڪري ڀلي کائنس زهانتي امتحان وٺو پر هنن جي ڪوٽا ٻحال ڪريو سنڌ جي اسڪولن ۾ ڪافي سالن کان پوء تعليم کاتي پاران فرنيچر مهيا ڪيو پيو وڃي جيڪو بهترين قدم آهي مگر اڃا ڪافي اسڪولن کي فرنيچر ناهي مليو هنن کي به فرنيچر مهيا ڪري اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون مهيا ڪرن جي گذارش ڪجي ٿي ريٽائر ٿيندڙ استادن کي سالن تائين ادائيگيون نٿيون ٿين انهن کي ريٽائر ٿيندي مڪمل ادائيگيون ڪيون وڃن گروپ انشورنس ، سن ڪوٽا ، تعليمي انڪريمنٽون ، سميت رهيل مسئلن جي حل لاء اسان جي پرعزم جدوجهد جاري رهندي

پهنجو تبصرو موڪليو