ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ شفافيت ۽ ضابطي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ‘فيشل ريڪگنيشن اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ايويليويشن سسٽم’ (FRAMES) جي باقاعده شروعات جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پهرين مرحلي ۾ 17 اگسٽ کان صوبي جي 6 اضلاعن ۾ ان نئين نظام جو باقاعده آغاز ڪيو ويندو. اهو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي هڪ اعليٰ سطح اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ صوبائي تعليمي وزير سيد سردار علي شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن زاهد عباسي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرکت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته FRAMES سسٽم تحت اسڪولن جي تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي حاضري چہرے جي سڃاڻپ (Facial Recognition) ذريعي مانيٽر ڪئي ويندي. شروعاتي طور هر ڊويزن مان هڪ ضلعو چونڊي اتي جي عملي جي رجسٽريشن مڪمل ڪئي وئي آهي. تعليمي وزير سيد سردار علي شاهه بریفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي سسٽم محدود انٽرنيٽ وارن علائقن ۾ به آف لائين ۽ آن لائين ٻنهي طريقن سان موثر طريقي سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته اسڪولن جي جيو ٽيگنگ پڻ مڪمل ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعليٰ مراد علي شاهه چيو ته استادن جي حاضري بهتر تعليمي نتيجن لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي، ٽيڪنالاجي ذريعي تعليمي نظام ۾ احتساب کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو. هن هدايت ڪئي ته شروعاتي مرحلي ۾ اسڪول انتظاميا کي سموري تڪنيڪي معاونت ڏني وڃي ته جيئن ان کي باقي اضلاعن تائين تيزيءَ سان وسعت ڏئي سگهجي.










