استادن جا اسڪيل اپگريڊ ڪرڻ لاءِ حڪومتي چالاڪي؟

استادن جا اسڪيل اپگريڊ ڪرڻ لاءِ حڪومتي چالاڪي؟

ليکڪ عارف قريشي 

گذريل ڏينهن اسان جي مانوارن مرڪزي ڪابينه جي عهديدارن پاران هڪ سمري فيس بڪ تي اپلوڊ ڪئي وئي جيڪو ڪافي ڏينهن کان ڳجو رکي وئي هئي ۽ پ ٽ الف جي هڪ سگهاري آواز انيتا خان پاران 23 مارچ تي اپگريڊ جي مسئلي جي حل لاء هڪ قرار داد استاد نالي سان ميڙاڪو پڻ ڪوٺايل هو ۽ استادن ۾ بيچيني پڻ پکڙيل هئي اهڙي صورتحال کي قابو ۾ آڻن لاء هڪ تڪڙو قدم کڻي هڪ سمري فيس بڪ تي اپلوڊ ڪئي وئي جنهن جو مطالعو ڪيو ويو ته حڪومت استادن سان راند ڪري پئي اهڙي صورتحال جي تناظر ۾ هڪ قانوني ماهر سان رابطو ڪيو ويو ۽ سمري بابت پڇا ڪئي ته هن چئو ته حڪومت لالي پاپ پئي ڏئي جئين ان وقت جڏهن سنڌ حڪومت پاڻ وفاق سان ٽڪراء ۾ آهي  ڪنهن قسم جي تحريڪ يا احتجاج حڪومت لاء وڏو چيلنج ٿي سگهي ٿو اهڙي احتجاج يا چيلنج کي ختم ڪرڻ لاء هن پنهنجي بي ٽيم جي مدد سان هڪ انوکي سمري جاري ڪري ڇڏي آهي وڌيڪ غور و خوص ڪرڻ سان  سمري جي ماهر ٻڌايو ته هاڻ حڪومتي ونگار وهندي ڪجهه اڳواڻ سمري جو دفاع ڪندي اکرن جو ڄار وڇائيندا ۽ استادن کي اونداهي ۾ رکي ڪنهن نه ڪنهن جي ونگار وهندا ان سموري صورتحال جي تناظر ۾ سمري جي ان نقطي جنهن ۾ ينگ ٽيچرس جي احتجاج دوران ڳالهين دوران ان وقت جي ايڊيشنل سيڪريٽري اڪبر ميمڻ ساڳئي سمري ڏيکاري هئي جنهن کي ان وقت حاجي شفيع ۽ سندس دوستن سرمد چانگ ، رمضان مغيري ، پرديپ ڪمار وارن رد ڪيو هو مطلب اهو ٿيو ته ڪميپوٽر ۾ سمري فيڊ ٿيل هئي بس ڪجهه هير ڦير ڪري ساڳئي سمري اسان جي دوستن کي ڏني وئي ته واهه واهه ڪريو مٺايون ورهايو ، جمهريون پايو هڪ عام استاد به سمجهي سگهي ٿو ته 14 اسڪيل ۾ جيڪو استاد اپگريڊ ٿيو آهي ان وقت سينارٽي پڻ موجود آهي ته هو سينئر ئي تسليم ڪيو ويندو ان جو الگ پيرا ڏياري جنهن سمري ۾ هير ڦير ڪيو آهي ان جي دماغ کي ڏسو هر نقطي کي مبهم ۽ انگ اکرن جو هير ڦير ڪيو آهي هي حقيقت آهي ته استاد 16 اسڪيل ۾ سينارٽي موجب پروموٽ ٿيندا آهن هتي وري 25 فيصد جو شرط عائد ڪيو ويو آهي ٿيڻ ته هي گهرجي ته 100 فيصد سينارٽي تي استاد پروموٽ ٿي 16 اسڪيل ۾ سروس رولز مطابق وڃن وري هوشياري ڏسو 17 اسڪيل صرف 10 فيصد هيڊ ٽيچرس يا چيف پرائمري ٽيچر باقي 90 فيصد ڇا ٻاهران آندا ويندا مطلب جي ايس ٽي يا ايڇ ايس ٽي ۾ پرموشن ٿيندڙ لاء هڪ دروازو کوليو ويو جنهن جي آڌار تي پرائمري جو هيڊ ٿي سگهن ٿا.

سمري سان مونجهارو پيدا ٿي رهيو آهي مونجهارو چئجي يا هڪ ڄار جنهن ۾ استادن کي ڦاسايو پيو وڃي هاڻ حڪومت جا ونگاري اهڙي نامراد سمري جي تعريفن يا دفاع پيا ڪن جيڪا پاڻ هنن کي سمجهه ۾ نه آئي آهي روز نوان مونجهارا روز نئون ڄار هڪ عجيب منطق آهي جيڪا صرف بيورڪريسي سمجهي ٿي عام استاد کي انگ اکرن جي ور چاڙهي ڦريو ۽ لٽيو ويندو مطلب آخر ۾ ان سمري جيڪا بقول هڪ مرڪزي عهديدار جي جمع تائين منظور ٿي نوٽفيڪيشن جاري ٿيندو سمري جا نتيجا انتهائي هاڃيڪار نڪرندا هڪ عام استاد جي حيثيت سان آئون پڻ انتهائي فڪر مند آهيان ته آخر اسان جي استادن جو مستقبل ڇا ٿيندو اهڙيون سمريون جاري ڪري حڪومت اسان سان ڇا پئي ڪري بيورڪريسي ڪهڙا پلاند هڪ عام استاد سان پئي ڪري ڪڏهن سنڌ جي تعليم جي تباهي جو ذميوار هڪ عام استاد کي قرار ڏئي ڇڏيندي آهي ڪڏهن 5200 واري ڊيسڪ 28500 ۾ سامهون ايندي آهي اسڪول عمارتون زبون حال يا تباهه آهن پئيڻ لاء اسڪولن ۾ پاڻي ناهي ، استادن جي کوٽ هر اسڪول ۾ لڳي پئي آهي، اسڪولن ۾ بجلي جو سسٽم ناهي نه ئي سولر سسٽم آهي سيپٽيمبر ۾ تعليمي سال شروع ڪري مارچ ۾ استادن کي پيپر ڏيڻ جو چيو ويندو آهي استادن جي اسيسمنٽ ٽيسٽون ٿي رهيون آهن جج ، مانيٽرنگ آفيسر ، اسسٽنٽ ڪمشنر ، ايجوڪيشن آفيسران، سميت استادن تي ڪيترائي چيڪ اينڊ بيلنس لڳل آهن تعليم وري به اتي جي اتي ڇو ته بيوروڪريسي کي ته ڪير ڪجهه چوڻ جي جسارت نٿو ڪري سگهي باقي استاد کي ڄار۾ ڦاسايو پيو وڃي سمريون جاري ڪيون پيون وڃن سمرين ۾ گول مول انگ اکر ڏئي جيڪو استادن جدوجهد جي زريعي ورتو آهي اها پڻ کسيو پيو وڃي استاد ويچارو بيوس بڻيل آهي اهڙي صورتحال ۾ حاجي شفيع صحت سڌرن بعد جدوجهد جو اعلان ڪندو ۽ گڏيل جدوجهد هوندي جنهن ۾ سڀ اسٽيڪ هولڊر شامل هوندا ۽ جدوجهد سان ئي مسئلو حل ٿيندو اهو ئي آخري حل آهي ٻي صورت ۾ بيوس لاچار پنڃري ۾ بند پکي جيان سمرين جا اسين اسير ٿي ويندا سين. 

پهنجو تبصرو موڪليو