لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين رميز راجا جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ نه پر ڪيترائي ميچ ونر آهن، ساڻن سهڪار ڪيو ٽيم کي مايوس نه ڪنداسين.سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي رميز راجا چيو ته هاڻي مداحن ٽيم جي عزت وٺڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، اهو ئي سبب آهي جو مداح ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪرڪيٽ ئي سڀني کي گڏ ڪري ٿي ۽ انهن جي چهرن تي خوشيون آڻيندي آهي.چيئرمين پي سي بي جو چوڻ آهي ته هارائڻ هاڻي اسان جو آپشن ناهي پر سڀني کي چوندس ٽيم جي حوالي سان هلڪو هٿ رکو، اسان غلطيون ڪنداسين، غلطيون ٿينديون رهنديون آهن، اسان دنيا جي بهترين ٽيم ناهيون پر ڪرڪيٽ ٽيم خوش آهي. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته گڏيل سيريز جنهن ۾ 7 ٽي 20 ميچون کيڏيون وڃن ان ۾ دلچسپي برقرار نه رهندي پر آخري ميچ تائين دلچسپي وڌي رهي آهي.رميز راجا جو چوڻ هو ته سيريز ۾ دلچسپي ختم نه ٿي آهي ۽ ان جو سبب اهو آهي ته دلچسپ ميچون ٿي رهيون آهن، ميچن جو فيصلو آخري اوور ۾ ٿي رهيو آهي، ٽيم جو مزاج بهتر ٿي رهيو آهي ۽ عوام جو اعتماد وڌي رهيو آهي. وڌي رهيو آهي.










