اسان جو بنيادي مسئلو اليڪشن آهي، جج يا بئنچ نه آهي: فواد

اسان جو بنيادي مسئلو اليڪشن آهي، جج يا بئنچ نه آهي: فواد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آئي جو مرڪزي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته اسان جو بنيادي مسئلو اليڪشن آهي جج يا بئنچ نه آهي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري جسٽس اطهر من الله جي تفصيلي اختلافي نوٽ تي تبصرو ڪري ڇڏيو هن چيو ته سياسي فيصلا سازي سياسي جماعت جو استحقاق هوندو آهي هڪ جج ڪيئن ڊڪٽيشن ڏئي سگهي ٿو جج جي آبزرويشن ڪيتري حيران ڪندڙ آهي فواد چوڌري چيو ته جسٽس اطهر من الله به اختلافي نوٽ ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊن جو اصول تسليم ڪيو آهي هن کان اڳ هڪ انٽرويو ۾ فواد چوڌري اعتراف ڪيو هو ته اسيمبليون ٽورڻ پي ٽي آئي جي غلطي اهي اسان حساب ڪتاب ۾ غلطي ڪئي هن چيو ته اسان کي اهڙي صورتحال جي توقع نه هئي ته حڪومت آئين کي نه مڃيندي ۽ چوندون نه ڪرائيندي فواد چوڌري چيو ته حڪومت ۾ موجود جماعتون، اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آئي کي گهرجي ته اهي هڪ ميز تي ويهن ۽ چونڊ طرف وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو