اسان ايم ڪيو ايم معاهدي کي رد ڪريون ٿا: سنڌ هاري ڪاميٽي

اسان ايم ڪيو ايم معاهدي کي رد ڪريون ٿا: سنڌ هاري ڪاميٽي

ماتلي(پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي ۽ مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي، سوشل سيڪريٽري جبار باغي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جي سنڌ دشمن لساني معاهدي کي رد ڪندي چيو ته نواز ليگ گذريل حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم کي دهشگرد قرار ڏئي آپريشن ڪرائي آفيس سيل ڪرايون هاڻي ڪرسي بچائڻ لاء نواز ليگ ڌرتي ماء جو سودو ڪرائڻ ۾ دلالي وارو ڪردار ادا پئي ڪري سنڌ ڌرتي خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪنداسين سنڌ خلاف ڪيل ڪو به معاهدي قبول ناهي اهڙي سنڌ دشمني خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي عيد کانپوء سڄي سنڌ ۾ جاگرتا مهم هلائيندي سنڌ جي ڪنڍ ڪرڇ ۾ وڃي سنڌي قوم کي پيپلز پارٽي جي سنڌ دشمن وارو فيصلو کان آگاه ڪنداسين سنڌ اسيمبلي اندر جيڪڏهن سنڌ خلاف ڪا سازش ٿي ته سنڌ اسيمبلي جو گهراء ڪنداسين ڪنهن وڏيري پير مير ملان کي سنڌ ورهائڻ جي اجازت نه ڏينداسين اڳواڻن چيو ته سنڌ اندر پاڻي جي کوٽ جي ذميوار پيپلز پارٽي سرڪار آهي جنهن سي سي آء ۾ سنڌ جو ڪيس هارايو آهي پنجاب سنڌ جي پاڻي تي غير قانونيڌاڙو هڻي رهيو آهي سنڌ هاري ڪاميٽي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي سنڌو جي حفاظت ڪنداسين اڳواڻن چيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي ڀرپور حصو وٺندي سنڌ هاري ڪاميٽي نوجوانن کي اليڪشن ۾ سپورٽ ڪندي هنن چيو ته چاهيو ٿا ته سنڌ جي پورهيتن هارين مزدور جو اولاد اليڪشن کٽي پنهنجي علائقن جي نمائندگي ڪن هنن چيو ته قوم سجاڳ ٿي وڏيرن پير ميرن ۽ ملن جي نمائندن کي مسترد ڪري پنهنجي حقيقي نمائندي کي ڪامياب ڪري جيڪي سندن حقوق ڏيارن۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو