واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي اداڪار اينگس ڪلائوڊ 25 سالن جي عمر ۾ فوت ٿي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب اداڪار آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ پنهنجي گهر ۾ فوت ٿي ويو.رپورٽن مطابق اينگس ڪلائوڊ جي فوت ٿيڻ جي خاندان طرفان تصديق ڪئي وئي آهي، پر موت جو ڪارڻ ظاهر نه ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب خاندان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اينگس ڪلائوڊ ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي والد جون آخري رسمون ادا ڪيون هيون، جنهن کانپوءِ سندس ذهني صحت خراب ٿي وئي هئي.برطانوي ميڊيا موجب اداڪار 2 فلمن ۽ ڪيترن ئي ميوزڪ ويڊيوز ۾ ڪم ڪيو پر کيس شهرت هڪ ڊرامي سيريز ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ملي.










