اداڪاره ماهه نور بلوچ پنهنجي خوبصورتيءَ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

اداڪاره ماهه نور بلوچ پنهنجي خوبصورتيءَ جو راز ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ماهه نور بلوچ جو پاڪستان جي خوبصورت اداڪارائن ۾ شمار ٿئي ٿو. 49 سالن جي ماه نور بلوچ پاڪستان جي ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي جن ۾ ميرا سائين 2، نوربانو ۽ ٻيا شامل آهن. توهان اها ڳالهه ڄاڻي حيرت ۾ پئجي ويندئو ته ماه نور ناني به بڻجي چڪي آهي پر ان کي ڏسي بلڪل به ائين ناهي لڳندو. سوشل ميڊيا تي ماه نور بلوچ جون تصويرون ڏسي ماڻهو سمجهي ناهي سگهندو ته آخر ماه نور بلوچ تي وڌندڙ عمر جا اثرات واضح نظر ڇو نه ٿا اچن اداڪاره وٽ اهڙو ڪهڙو جادو آهي جو هو هن مهل تائين پرڪشش نظر ايندي آهي. هڪ انٽرويو ۾ ڳالهائيندي ماه نور بلوچ پنهنجي خوبصورتي نظر اچڻ لاءِ ٻڌايو ته مان رات جي وقت سمهڻ کان اڳ چهري کي بلڪل صاف رکندي آهيان ۽ سج نڪرڻ کان اڳي سن بلاڪ جو استعمال ضروري ڪندي آهيان. ماه نور بلوچ ٻڌايو ته هو سٺي جلد ۽ خوبصورت نظر اچڻ لاءِ پاڻي وڌ کان وڌ استعمال ڪندي آهي سٺي صحت لاءِ دوائون استعمال ڪندي ۽ روزانو گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽن تائين ورزش ڪندي آهي. کائڻ پيئڻ جي حوالي سان اداڪاره جو چوڻ هو ته ان مسئلي ۾ پاڻ کي روڪڻ ڏاڍو مشڪل هوندو آهي پر هن کنڊ ۽ اٽي جو استعمال بلڪل ختم ڪري ڇڏيو آهي. هو پنهنجي ناشتي ۽ ڏينهن جي کاڌي ۾ دهي، سبزي ۽ چڪن جو استعمال ڪندي آهي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن صحيح لڳي ته 3 مهينن ۾ هڪ دفعو کنڊ استعمال ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو